بپتَسمو: عيسائين جي هڪ مذهبي رسم Baptism، جنهن وسيلي ڪنهن فرد کي باقاعدي عيسائيت ۾ داخل ڪندا آهن يا غيرمذهب واري کي عيسائي بنائڻ يا ٻار کي ڄمڻ کان ڪجهہ ڏينهن پوءِ گرجا ۾ پادري بيت المعمور جو پاڻي پياريندو آهي. اصل انگريزي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جو مفهوم آهي پاڻيءَ ۾ ٽٻي ڏيڻ، يا مٿان پاڻي وجهڻ. مسيحيت ۾ ان جو مطلب آهي تہ انسان توبھہ ڪئي ۽ سندس پويان گناھہ ڌوپجي ويا. انجيل جي بيان موجب خود حضرت مسيح، يوحنا (حضرت يحييٰ) کان بپتسمو ورتو هو. مسيحيت قبول ڪندڙ مسيحين کي بہ بپتسمو ڏنو ويندو آهي. ڪي مسيحي، ٻارڙن کي بہ بپتسمو ڏيندا آهن ۽ ان وقت ان جو نالو بہ رکيو ويندو آهي.