بچارام ليلارام ليڏواڻي

بچارام ليلارام ليڏواڻي: هي بي. رام. سنڌوءَ جي ادبي نالي سان متعارف هو. سندس تعليم ايم. اي. ايل. ايل. ايم ۽ اي. ايف. آءِ. آءِ هئي. 31 جنوري 1938ع تي، سکر ۾ ڄائو. پاڻ ڪيترن ڪتابن جو ليکڪ، هدايتڪار ۽ ڪهاڻيڪار رهيو آهي. وسيع تجربو هئس. سندس ڇپيل ڪتاب: ’نيستردان‘، ’بدني نقص ۽ انهن جو علاج‘، ’ٻار ۽ انهن جو علاج‘، ’شرم دان‘ ۽ ’ٻال مندر‘ آهن. ڪيترن ئي ڪتابن جو ترجمو ڪيل اٿس، جن ۾ ’آئيندہ جا ابا‘ ۽ ’ٻال مندرن جي سکيا جي اهميت‘ مشھور آهن. جڏهن تہ ڪجهہ ڪتابن جو مرتب پڻ رهيو آهي. جھڙوڪ: ’ٻاچوشتڪ‘ ۽ ’ڀارت ۾ سنڌي ڌرمشالائون‘. سال 1948ع ۽ 1958ع واري دؤر ۾ ايڪانڪي ناٽڪن ۾ اداڪار ۽ هدايتڪار جي حيثيت ۾ ڪم ڪيل اٿس، ڪيترين ئي اخبارن ۽ مئگزينن جھڙوڪ: ”نيو ماڊل هاءِ اسڪول مئگزين“، ”راشٽريه سيوڪ“، ”سنڌو پرديپ دسيرا“، ”سماج ڪلياڻ“ ۽ ”جيون جوت“ ساليانن رسالن جو ايڊيٽر ٿي رهيو آهي. پاڻ ممبئيءَ ۾ رهندو هو، ٽي چار سال ٿيا آهن، گذاري ويو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1938.01.31  عيسوي

بچارام ليلارام ليڏواڻي: هي بي . رام . سنڌوءَ جي ادبي نالي سان متعارف هو . سندس تعليم ايم . اي . ايل . ايل . ايم ۽ اي . ايف . آءِ . آءِ هئي . 31 جنوري 1938ع تي ، سکر ۾ ڄائو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڪملا. ڪي پرمار
ثقلين مشتاق
علي ڏنو جروار
ابن باجه
جنجهي غلام محمد
غلام مصطفيٰ کهڙو ڊاڪٽر
ٻگهيو عزيز الرحمان ڊاڪٽر
عبدالحڪيم سومرو مولانا
چانڊيو شادي خان ۽ سندس مقبرو
درس غازي سکرالدين
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون