بچل شاھہ مياڻيءَ وارو: بچل شاھہ دادو ضلعي جي مانجهند شھر ۾ 1807ع ۾ ڄائو ۽ 1906ع ۾ وفات ڪيائين.ننڍي هوندي ئي ويراڳ اختيار ڪيائين ۽ آخرڪار ڄمون (ڪشمير) جي صاحب ولايت الف شاھہ کان فيضياب ٿيا، 12 سالن بعد موٽي آيو ۽ روهڙي ويجهو ڇپري بند کي پنهنجو مسڪن ۽ اتي سماع جون محفلون مچايائين، بعد ۾ موجودہ بچل شاھہ مياڻي، سکر ۾ اچي آستانو قائم ڪيائين. جنهن کي پريم نگر چيو ويندو هو. ڪيترائي هندو توڙي مسلمان سندس معتقد هئا. سندس ڪلام ناصحانه ۽ عارفانہ آهي، جيڪو جهر جهنگ ڳايو وڃي ٿو ۽ سندس مزار تي هر سال عاليشان ميلو بہ لڳندو آهي.