بچل شاھہ مياڻي وارو

بچل شاھہ مياڻي وارو: هيءُ سکر جو بلند پايه شاعر ۽ صوفي درويش ٿي گذريو آهي. سندس ولادت 1807ع ۾ شھر مانجهند، ضلعي دادوءَ (موجودہ ڄامشوري) ۾ ٿي. هيءُ ڪافي گو شاعر هو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ترتيب ڏنل ڪافين جي ڪتاب ۾ سندس ڪي ڪافيون شامل آهن. روهڙيءَ واري محمد محسن ”بيڪس“ جو همعصر هو. بيڪس جي والد بيدل سان بہ سندس رهاڻ هوندي هئي. ننڍي هوندي عبادت ۽ رياضت ڏانهن لاڙي سبب پارسي ۽ عربيءَ جي ڪجهہ تعليم حاصل ڪيائين. ان زماني ۾ سيٺ نهالچند جو مانجهند ۾ ويدانت جو گهڻو زور هو، ڪيترائي فقير ۽ درويش وٽس ايندا هئا. هڪ ڀيري پرمهنس نالي هڪ سنت وٽس اچي رهيو، جيڪو جليانوالا جي رهواسي سنت گلابداس جو شاگرد هو. بچل شاھہ اُن درويشن جي صحبت جو پياسي هو. هو کانئس ايترو تہ متاثر ٿيو، جو شھر ڇڏي وڃي جهنگ ۾ رهيو. انهيءَ دوران سير سفر جو شوق جاڳيس. هند ۽ سنڌ جو سفر ڪندي وڃي ڪشمير کان نڪتو، پوءِ مرشد جي حڪم موجب سکر ۾ آيو ۽ اُن سرزمين کي پريم نگر ۽ حيات نگر جا نالا ڏنائين. مسلمانن سان گڏ هندو بہ وڏي تعداد ۾ وٽس اچڻ لڳا ۽ وٽس سماع جون محفلون ٿيڻ لڳيون. خيرپور جي والي مير علي مراد خان ۽ لبِ تاريخ جي مصنف خداداد خان جي ساڻس بيحد عقيدت هئي. ان کان علاوہ سندس صحبتن ۾ جان ﷲ شاھہ ٽيون، حضرت بيدل جو مرشد بہ شامل هوندو هو. هندن مان ولايت راءِ ۽ سندس شاگرد جيوت سنگهہ سان سندس گهڻو پريم هو. بچل شاھہ وحدت الوجود جو قائل هو. بچل شاھہ 3 مئي 1906ع تي 100 سالن جي ڊگهي عمر ۾ سکر ۾ وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاھہ مهراڻ جي ڀڪ تي سکر بئراج لڳ بچل شاھہ مياڻي ڳوٺ ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1807.00.00  عيسوي

بچل شاهه: هيءُ سکر جو بلند پايه شاعر ۽ صوفي درويش ٿي گذريو آهي . سندس ولادت 1807ع ۾ شهر مانجهند ، ضلعي دادوءَ ( موجوده ڄامشوري )


1906.05.03  عيسوي

. بچل شاهه وحدت الوجود جو قائل هو . بچل شاهه 3 مئي 1906ع تي 100 سالن جي ڊگهي عمر ۾ سکر ۾ وفات ڪئي . سندس آخري آرامگاهه مهراڻ جي ڀڪ تي سکر بئراج لڳ بچل شاهه مياڻي ڳوٺ ۾ آهي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيد حاجي محمد حافظ شاھہ
پاٽولي استاد عاشق حسين
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
سائين ولايترام
مولانا جلال الدين ٺٽوي
ارباب ڇڄڙو
سارغون اول
پيرزادو زاهد حسين
امير بھادر ثاني
زرتشت زردشت
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون