بچو بادشاهه عرف بچل خاصخيلي

بچو بادشاهه عرف بچل خاصخيلي

بچو بادشاھہ

بچو بادشاھہ: بچو بادشاھہ پهرين حُر تحريڪ جو هيرو هو، جيڪا انگريزن خلاف 1870ع کان 1898ع تائين هلي هئي. هن جو اصل نالو بچل خاصخيلي هو. هو حر تحريڪ جي ويڙهاڪ وريام فقير خاصخيليءَ جي گهر ۾، موجودہ سانگهڙ ضلعي جي مٺڙائو ڳوٺ ۾ ڄائو هو. بچو بادشاھہ پنھنجي ساٿين سان گڏجي مکي ٻيلي جي ڀرپاسي واري علائقي ۾ انگريزن جي عملداريءَ کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ اهو سڄو علائقو موجودہ دؤر جي زبان ۾ ڄڻ تہ انگريزن لاءِ ’نو گو ايريا‘ (No Go Area) بڻجي چڪو هو. هُن پنھنجي ساٿي، پيرُو ڪاسائي عرف پيرو وزير (جيڪو ناري، خيرپورميرس جو رهاڪو هو) سان گڏجي انگريزن خلاف زبردست ڪارروائيون ڪيون ۽ مقامي ماڻهن کي هدايت ڪئي تہ اهي انگريزن کي ڍل ۽ ٻيا ٽيڪس نہ ڏين. انگريز سرڪار پير حزب شاھہ ’ڪوٽ ڌڻي‘ تي دٻاءُ وڌو تہ هُو باغين کي پيش پوڻ لاءِ مجبور ڪري. انگريزن بچوءَ جي ڏاڍي ڳولا ڪئي، سندس پيءُ وريام کي گرفتار ڪيو، جيڪو قيد جي تشدد ۾ گذاري ويو. بچو بادشاھہ اڳتي هلي، مرشد جو حڪم مڃي، 1896ع ۾ هٿيار ڦٽا ڪري پيش پيو.
کيس عيسيٰ ڏاهريءَ سان گڏ ميرپورخاص موڪليو ويو، جتي انگريز جج مقدمو هلائي کيس ڦاسيءَ جو حڪم ڏنو. سندس گرفتاريءَ جي هڪ مهيني کان پوءِ کيس سانگهڙ ۾ سرِ عام ڦاسي ڏني ويئي. کيس سرِ عام ڦاسي ڏيڻ جو ڪارڻ تاريخدانن اهو ڄاڻايو آهي تہ انگريزن چاهيو ٿي تہ ٻيا باغي پيش پون ۽ سبق سکن. ڦاسيءَ ڏيڻ بعد سندس لاش اُن هنڌ جي ڀرپاسي ۾ دفنايو ويو. سانگهڙ شھر ۾ هن وقت ان بھادر شخص جي نالي سان ’بچو بادشاھہ چوڪ‘ پڻ آهي.


لفظ بچو بادشاھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1870.00.00  عيسوي

بچو بادشاهه: بچو بادشاهه پهرين حُر تحريڪ جو هيرو هو ، جيڪا انگريزن خلاف 1870ع کان 1898ع تائين هلي هئي . هن جو اصل نالو بچل خاصخيلي هو . هو حر تحريڪ جي ويڙهاڪ وريام فقير خاصخيليءَ جي گهر ۾ ، موجوده سانگهڙ ضلعي جي مٺڙائو ڳوٺ ۾ ڄائو هو .


1898.00.00  عيسوي

بچو بادشاهه: بچو بادشاهه پهرين حُر تحريڪ جو هيرو هو ، جيڪا انگريزن خلاف 1870ع کان 1898ع تائين هلي هئي . هن جو اصل نالو بچل خاصخيلي هو . هو حر تحريڪ جي ويڙهاڪ وريام فقير خاصخيليءَ جي گهر ۾ ، موجوده سانگهڙ ضلعي جي مٺڙائو ڳوٺ ۾ ڄائو هو .


1996.00.00  عيسوي

بچو بادشاهه اڳتي هلي ، مرشد جو حڪم مڃي ، 1896ع ۾ هٿيار ڦٽا ڪري پيش پيو . کيس عيسيٰ ڏاهريءَ سان گڏ ميرپورخاص موڪليو ويو ، جتي انگريز جج مقدمو هلائي کيس ڦاسيءَ جو حڪم ڏنو . سندس گرفتاريءَ جي هڪ مهيني کان پوءِ کيس سانگهڙ ۾ سرِ عام ڦاسي ڏني ويئي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڪامريڊ الھہ وڌايو انڍڙ
راجا ڪنشڪ
ديوان پرڀداس آڏواڻي
فتح محمد برفت پروفيسر ڊاڪٽر
قاضي قمرالدين
امام الدين مجددي
ٿرڙي سنجر ڀٽي
عمرو بن محمد بن قاسم
الڪندي
بلو مؤمن
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون