بڇيري

بُڇيري: بڇيري، نواب شاھہ تعلقي جو اهم ڳوٺ، بلڪہ ننڍو شھر آهي. هتي زرداري، سهتا، عباسي، بروهي، رند ۽ ٻيون ذاتيون رهن ٿيون. بڇيريءَ ۾ هاءِ اسڪول، گرلس مڊل اسڪول، ۽ آسپاس پرائمري اسڪول گهڻا آهن. واپار بہ چڱو هلندڙ آهي. هن ڳوٺ کي اسپتال، واٽرسپلاءِ نظام ۽ بجليءَ جون سهوليتون پڻ مليل آهن. نوابشاھہ ۽ پڊعيدن جي وچ تي ريلوي اسٽيشن پڻ آهي. بڇيريءَ جو موجودہ شھر اسٽيشن جي سهوليت سبب ريلوي لائين ويجهو جڙيو، نہ تہ اصل ڳوٺ کي هينئر پراڻي بڇيري چيو وڃي ٿو، جيڪو موجودہ شھر کان اتر اولھہ طرف ڏيڍ ڪلوميٽر کن جي پنڌ تي آهي. جتان اڳ ۾ درياھہ وهندو هو. ان کان سواءِ انگريزن جي دؤر ۾ پوليس ٿاڻو ۽ ڪورٽ جي بلڊنگ موجودہ شھر ويجهو ٺاهي وئي هئي، ان ڪري ماڻهو آهستي آهستي موجودہ شھر ۾ اچڻ لڳا ۽ پراڻي بڇيريءَ ۾ فقط هڪ مسجد وڃي بچي آهي، جيڪا سم جي پاڻيءَ جي وچ ۾ اڃا تائين بيٺل حالت ۾ آهي. ان کانسواءِ هڪ درويش سيد لهري شاھہ جي درگاھہ پڻ موجود آهي. پراڻي بڇيريءَ ۾ تمام وڏا واريءَ جا دڙا آهن، جيڪي شاهدي ڏين ٿا تہ سنڌو درياءُ ڪنهن زماني ۾ هتان وهندو هو. هڪ مقامي روايت موجب هيءُ ڳوٺ درياھہ جي ڪنهن ڇاڙھہ جي پُڇڙيءَ ۾ آباد هو، اُن ڪري ’پُڇڙيءَ‘ مان بدلجي ’بڇيري‘ بڻيو. پر عقل اها ڳالھہ تسليم نہ ٿو ڪري، ان جو پسمنظر ڪو ٻيو هوندو، جنهن تي تحقيق جي ضرورت آهي.



لفظ بڇيريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو