بڊاماڻي پنرو

بڊاماڻي پُنرو: سمن جي آخري دور ۾ ڪَنڌيءَ يعني سنڌ ۽ ڪڇ جي سرحد وٽ ڪاڇي واري حصي ۾ ”پُنرو“ نالي هڪ سورهيه سردار رهندو هو. جنهن ڀيڻيءَ ۾ اهو رهندو هو، ان جو نالو ”بڊام“ هو. ڪي چون ٿا ذات جو ”بڊام“ هو، تنهن ڪري ”بڊاماڻي پنرو“ جي نالي سان مشهور هو. سندس ساٿي به وڏا سورهيه هئا. عام روايت آهي ته پنرو مال هَڻي همراهن جي حوالي ڪري، پاڻ پوئتان اڪيلي سر واهر پليندو هو. يا وري پاڻ اڪيلو مال ڪاهي روانو ٿيندو هو ۽ پويان سندس همراهه واهر پليندا هئا. پُنري ڪڏهن به هار ڪانه کاڌي هئي. هو سدائين سوڀارو ٿي موٽندو هو، پنري هڪڙو ڪوٽ اڏائي ڇڏيو هو، جنهن ۾ سندس ڪٽنب ۽ مائٽ مٽ رهندا هئا. هڪڙي ڀيري سندس پرپٺ ڪو مغل سردار ڪاڇي تي ڪاهي آيو. پنرو ان وقت پنهنجن سڀني ساٿين سان گڏ ڪنهن پرانهين هنڌ تي مال هڻڻ ويو هو. چون ٿا ته ڪن پالارين، مغلن جي سونهپ ڪئي هئي. رات جي وڳڙي ۾ مغلن اچي پنري جي ڪوٽ کي گهيرو ڪيو. پنري جي ڪڙم جون ڪي زالون ڪوٽ تي چڙهيون، جن دشمن جي لشڪر کي ڏسي، پنهنجن مردن کي ڄاڻ ڪيو. ان وقت ڪوٽ ۾ رڳو پير مرد هئا ۽ جوانن ۾ فقط پنري جو هڪڙو ڀاءُ موجود هو. هيءُ جوان تلوار سنباهي ڪوٽ جي دروازي اندران ٿي بيٺو. مغلن جا ماڻهو دروازي مان لوگهو ڪري هڪڙو هڪڙو ٿي گهڙيا، تن کي قتل ڪندو ويو. تڏهن مغلن پنهنجو سمورو زور ڀت ڀڃڻ تي لاتو ۽ آخرڪار ڪوٽ جي ٻانهين ڀڃي لشڪر ڪوٽ اندر ڪاهي پيو. اتي پنري جي ڀاءُ، پنهنجي سورهيه ڀاءُ پنري کي ياد ڪندي چيو ته:
اڄ گهرجين هِت، بڊاماڻي پنرا
مٿان ڀڳيءَ ڀت، ويرين واٽون لائيون .
پر پُنرو هئو سؤ ڪوهه تي، سو ڪيئن ٿو ڀاءَ جو سڏ ٻڌي! نيٺ دشمن اچي سِرَ تي ڪڙڪيس، تڏهن تلوار کڻي ڪٽڪ ۾ ڪاهي پيو ۽ مقابلو ڪندي مارجي ويو، پر پڇاڙيءَ تائين پنهنجي ڀاءُ کي سڏيندو رهيو ته:
اڄ گهرجين يار، بڊاماڻي پنرا
ڪاڇي ٻَئِي پارَ، اچي ويرين ويڙهيا .
مغلن جو لشڪر ڪوٽ ۾ ڪاهي پيو ۽ نالي تي هڪڙو ڪک به نه ڇڏيائون. ان سان گڏ سڀ زالون پڻ اول ڪري پاڻ سان نيائون. انهن زالن ۾ پنري جي سڳي ماءُ، ماٽيجي ماءُ، ”املهه“ نالي سندس ڀيڻ ۽ هڪڙي سوناري عورت، جنهن تي پنرو عاشق هو، شامل هيون. ان رات پنرو پنهنجن يارن سان گڏ ڪاڇي کان سؤ ڪوهن پنڌ تي ستو پيو هو ته اوچتو ڇرڪ ڀري اٿي ويهي رهيو. هوڏانهن پنري جون مائرون ڪوٽ ڇڏي اول طور مغلن جي لشڪر سان هلڻ لڳيون، تڏهن ماٽيجي ماءُ آهه ڀري پنري کي ياد ڪيو، ته پنرو آڌيءَ رات جو ڇرڪ ڀري اُٿي ويهي رهيو. چيائين ته منهنجي هينئين ۾ گهوڙن جا سنب پيا لڳن. تنهن کان پوءِ ساٿين کي ساڻ ڪري، ڪوٽ ڏانهن رُخ رکيائين. ڪوٽ تي پهتو ته مغل جي ڪاهه، ڀاءُ جي مارجڻ، مائرن ۽ سوناريءَ جي گرفتار ٿيڻ جي ڳالهه ٻڌندي ئي مغلن جي پٺيان روانو ٿيو. پنرو بڊام هلندي هلندي هڪڙي جبل وٽ اچي پهتو. مغلن جو لشڪر جبل جي لڪ مان لنگهي رهيو هو. سڄي ڏينهن جي پنڌ کان پوءِ نيٺ اچي جبل جي لڪ وت پهتو، لڪ سوڙهو هو، جنهن ڪري لشڪر ٿورو ٿورو پئي اڪريو. مغلن جي لشڪر جو ڪجهه حصو لڪ مان اُڪري ويو هو، باقي لشڪر پنري ۽ سندس ساٿين لڪ ۾ پورو ڪري ڇڏيو. خود مغل سردار، جو پنهنجي لشڪر جي حفاظت لاءِ پويان بيٺل هو، سو به جيئن لڪ مان لنگهيو ته پنري کيس ۽ سندس گهوڙي کي پورو ڪري ڇڏيو. پنري جون مائرون ۽ ٻيون اهي عورتون، جيڪي مغل گرفتار ڪري ساڻ وٺي ٿي ويا، سي آزاد ٿيون، پر پوءِ جانچ ڪيائون ته اَمَلهه ۽ سوناري آهن ئي ڪين، پوءِ سمجهيائون ته املهه ۽ سوناري مغل لشڪر جي اڳئين حصي ۾ هيون، جو لڪ اُڪري چڪو هو. پنري پنهنجي ساٿين سميت ڏاڍي ڳولا ڪئي، پر اهو لشڪر هٿ ئي ڪونه آين، آس پاس به گهڻائي ماڻهو ڊوڙايائين، پر پتو نه پيو. هوڏانهن وري مغل جا ماڻهو سوناريءَ کي ڪنهن شهر ڏانهن اماڻي، اَمُلهه کي کڻي پنهنجي شهر ۾ آيا، جتي ويچاري رات ڏينهن ڀاءُ کي ياد ڪندي هئي. هڪڙي ڏينهن اتفاق سان اتي ڪاڇي جي پاسي جو ڪو فقير اچي نڪتو، جنهن حال کان واقف ٿي، يڪدم پنري کي ٻڌايو، جيڪو يڪدم تيار ٿي اڪيلي سر پنهنجي ”نيلوفري“ گهوڙيءَ تي چڙهي روانو ٿي ويو. هلندي هلندي وڃي انهيءَ شهر ۾ رسيو. پڇا ڳاڇا ڪري وڃي انهيءَ جاءِ هيٺان بيٺو، جتي سندس ڀيڻ قيد هئي. املهه، جنهن ان وقت به دريءَ کان پئي پنهنجي ملڪ جي واٽ ڏٺي، تنهن جي نظر جڏهن پنري تي پئي ته بي اختيار لهي اچي ڀاءُ کي ڀاڪر پاتائين. املهه جي پٺيان ٻانها، ٻانهيون ۽ پهريدار ڊوڙندا آيا، پر پنري ڀيڻ کي ٻانهن کان جهلي يڪدم کڻي پاڻ سان گڏ نيلوفريءَ تي ٻيلهه ويهاريو ۽ گهوڙيءَ کي اڙي هنيائين ته اڏامي اٿي هلي ۽ پنرو سلامتيءَ سان اچي ڪاڇي پهتو. پنري جي موٽي اچڻ تي سڄي ڪاڇي خوشي ملهائي. پر سندس دل کي اڃا به آرام نه آيو هو، جو سندس ساهه، سدا سهڻي سوناري اڃا مغلن جي قيد ۾ هئي، جنهن جو اڃا کيس پتو نه پئجي سگهيو هو. اوچتو هڪڙي ڏينهن کيس ڪنهن ماڻهوءَ هٿان سوناريءَ جو نياپو اچي پهتو ته:
بڊاماڻي پنرا! ڀليون سڀا ڪياءِ
ٻيون تان سڀ وٺي وئين، ڳوٺي هڪ وسرياءِ .
اهو نياپو ٻڌي پنرو انهيءَ مهل ٽپ ڏئي اٿي کڙو ٿيو ۽ نياپي آڻيندڙ کان پار پنڌ پڇي نيلوفري گهوڙيءَ تي چڙهي وڃي اتي رسيو. سپاهين سان وڏي ويڙهه کائي سوناريءَ کي ڇڏايائين ۽ کيس پاڻ سان گڏ نيلوفريءَ تي ٻيلهه کڻي اچي ڪاڇي ۾ پهتو. ان کان پوءِ پنري جي حياتيءَ ۾ وري ڪنهن کي به ڪاڇي تي ڪاهڻ جي همت نه ٿي. بڊاماڻي پنري جي مرڻ کان گهڻو پوءِ لاکو ڦلاڻي مشهور لوڙائو ساماڻو، جنهن ڪاڇي ۾ به لوڙهيون هنيون. تڏهن اتي جي ماڻهن پنهنجي سورهيه سردار کي ياد ڪيو ته:
” ڀيڻي ناهه بڊام، لاکو ٿو لوڙهيون هڻي “
بڊام جو ڪوٽ پوءِ ڦٽي ويو، پر جنهن ڀيڻيءَ اهو اڏيل هو، اتي هڪ دڙي جا آثار رهجي ويا، جنهن کي پوءِ ”بڊاماڻي بُٺ“ ڪري سڏيندا هئا. ڪونجون هميشه اتي ولر ڪري اچي لهنديون هيون ۽ عام ماڻهو ائين ڀائنيدا هئا ته ڪونجون اتي بي ڊپيون پيون چڳن، جو ڀانئين ٿيون ته اهي سورهيه پنري جي سام ۾ آهن. شڪاري به ساڃاهه وارا هئا، جو سورهيه پنري جي ماڳ مڪان جو خيال رکي اتي ڪونجن کي ڪين ماريندا هئا. پر وقت گذرڻ کان پوءِ جڏهن ٻاهرين طرفن جا ماڻهو ۽ ماري انهيءَ جوءِ ۾ اچڻ لڳا ته ويچارين ڪونجڙين لاءِ به خطرو پيدا ٿي ويو. انهيءَ پوئين دور واري حالت ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمت الله عليه پڻ ڪونج کي خبردار ڪيو ته:
چيتا ڪيو چڻيج، بڊاماڻي بُٺ ۾ ،
نيڻن ننڊ ۾ ڏيج، ڇيڙون ڇپر آئيون .
بڊاماڻي خاندان جو اصل رهائشي علائقو بڊاماڻي پٽ هو، جيڪو بدين، ڏيپلي ۽ مٺي تعلقن ۾ سرحدي ايراضيءَ تي مشتمل هو. اهو ڪاڇي جو هڪ حصو هو. اتان نڪرڻ کان پوءِ، اُهي ٻنگار جي ايراضيءَ ۾ وڃي رهيا، جتي سندن قبرستان پڻ موجود آهي، جيڪو ”بڊامڻ جو قبرستان“ سڏجي ٿو. بڊاماڻي پنري جي حوالي سان ڪيتريون لوڪ روايتون وارهه کان اولهه پاسي (کيرٿر جبل جي) ڪاڇي واري علائقي ۾ به عام آهن .


هن صفحي کي شيئر ڪريو