بڊام ڍنڍ

بڊام ڍنڍ: هي ڍنڍ قمبر ۽ وارھہ جي سرحدي دنگ تي واقع آهي. جيڪا سنڌ جي هڪ مشھور ڪردار بڊاماڻي پنري جي نالي سان منسوب آهي. هن ڍنڍ کان ڪجهہ مفاصلي تي ايف پي بند (Flood Projective Bund) گذري ٿو. عام طرح هن ڍنڍ کي ”پنري جي ڍنڍ“ بہ ڪري سڏيندا آهن، ڪنهن دور ۾ هن ڍنڍ تي پرڏيهي پکي جهجهي تعداد ۾ ايندا هيا پر هن وقت سوڪهڙي جو شڪار آهي .


لفظ بڊام ڍنڍھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو