
بڙ جو وڻ
بَڙُ (Banyan/ ficus bengalensis ):هيءُ عام مشھور وڻ آهي، جيڪو ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. انجير جي قسم جي وڻن ۾ شمار ٿيندو آهي. هن وڻ جي ٽارين مان پاڙن وانگر هوائي ٽاريون نڪرنديون آهن، جيڪي هيٺ لهنديون وڃي زمين ۾ کُپنديون آهن. هيءُ وڻ اصل ۾ هماليہ جي وادين جو آهي، پر ندين ۽ درياهن ذريعي هن وڻ جو ٻج پکڙيو. هاڻي اُتر هندستان ۾ ڪثرت سان ۽ پاڪستان ۾ سنڌ جي علائقن ۾ ڇڊو پاڍو ٿئي ٿو. بَڙ جو وڻ چاليھہ پنجاھہ فوٽن تائين اوچو ٿيندو آهي. ٿڙ جو گهيرو 8 يا 10 فوٽ ٿئيس. ٿڙ جي مٿينءَ کل جو رنگ سائو ۽ ڀُورو ٿيندو اٿس. هن وڻ جي ڇوڏي، ٽارين ۽ پنن جي پاڙن مان کير نڪرندو آهي. هن وڻ جا پن، پپر جي پنن جهڙا، پر ان کان ٿورا ننڍا ٿين. پن ٻارهن ئي مهينا ساوا رهندا اٿس. هن وڻ جو ڦر انجير سان گهڻي مشابهت رکندڙ، مٺو ۽ سوادي هوندو آهي. طبي لحاظ کان هن وڻ جو کير دوا طور ڪم ايندو آهي. ٻھراڙيءَ جون تجربيڪار عورتون چونديون آهن تہ ٻار کي سٽ پئجي وڃي تہ تارونءَ ۾ پيل کڏ تي لڳائڻ سان ٻار جو تارون کڄي ويندو ۽ سٽ جو علاج ٿي ويندو آهي. بڙ جا ڏيلها، ڏاڙهي ۽ کير دوائن ۾ ڪم ايندا آهن .
هيءُ وڻ تمام گهاٽو ٿيندو آهي ۽ عمر بہ تمام گهڻي ٿئيس. عام طرح بڙ جي وڻ جي عمر هڪ هزار سالن تائين ٿيندي آهي. بڙ جو وڻ خاص ڪري ٻڌ ڌرم وارن لاءِ پوتر وڻ آهي، جو گوتم ٻڌ ورهين جا ورهيہ بڙ جي وڻ هيٺان ويهي تپسيا ڪئي هئي .