بڙا ڪپوٽا

بڙا ڪپوٽا (Bara Kapota) ماڳ: چوٿين سهسر ق. م جي وچ واري دور جو هي ماڳ ضلعي جهالوان جي ڳوٺ جهل ڪپوٽا ماٿري ۾، مولالڪ ڏانهن ايندڙ رستي تي، 280 48' اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 660 38' اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي بلوچستان ۾ موجود آهي. هتي ڇوٽا ڪپوٽا وٽ رستو ڪيترن ئي مختلف هنڌن ڏانهن وڃڻ لاءِ ورهائجي ٿو. اتان هڪ رستو، اصل ماٿريءَ ڏانهن وڃي ٿو. ٻيو رستو چُوري بور (churi Bur) ٽڪريءَ جي اوڀر کان لنگهي ڪپوٽا دڙي تي پهچي ٿو. اتي ٻہ کوھہ، هڪ وڻ ۽ هڪ غار آهي. غار ڌنارن جي استعمال هيٺ آهي. هيءُ ماڳ مشھور آرڪيالاجسٽ اسٽين 1948ع ۾ ڏٺو هو. دڙو اڃا بہ اڌ فرلانگ هيٺ ڏکڻ ۾ ڪپوٽا واديءَ ۾ انهيءَ هنڌ آهي، جتان ڪيترائي ٻيا رستا نڪرن ٿا، پر هڪ رستو مولا لڪ ڏانهن سنڌ پاسي وڃي ٿو. جڏهن تہ ٻيا رستا ڏکڻ- اولھہ پاسي سراب سان ڳنڍيل آهن.
هيءُ وڏو دڙو ٻن ٽڪرين جي گهيري ۾ آهي. ماڳ هڪ نئن جي آخري دنگ جي دُکاني وٽ آهي، جيڪا موڙ کائي ڏکڻ پاسي ميداني علائقي ڏانهن وڃي ٿي. دڙو 50 فوٽ اوچو آهي. هن جي پاسن کان پٿرن جون وڏيون ۽ لسيون ڇپون (Boulder) پيل آهن. پٿرن جي ڀتين جي اڏاوت جا نشان دڙي تي هيٺان کان مٿي 72 فوٽن تائين ڏسي سگهجن ٿا. اهي ڪنهن حفاظتي ڀت يا قلعي جا نشان آهن. ڀتين جا نشان مٿي دڙي جي چوٽيءَ تي بہ نظر اچن ٿا. دڙي جي چوٽيءَ کان هيٺ اڀرندي لاهيءَ وٽ ڇھن فوٽن تي بہ ڀتين جا نشان ملن ٿا. ان کان سواءِ ڀتين جا ٻيا نشان اتر- اولھہ ۾ چئن فوٽن تي بہ نظر اچن ٿا.
ماڳ تي مختلف قسم جو ٺڪراٺو گهڻي تعداد ۾ ملي ٿو، جيڪو انجيرا ماڳ جي ٽئين ۽ چوٿين دور سان ۽ ميهر ڳڙھہ جي چوٿين ۽ ستين دور سان ڀيٽي سگهجي ٿو. ان کان سواءِ توگو C-D دور وارو ٺڪر ۽ زري ٺڪر بہ شامل آهي. ٿوري تعداد ۾ ئي سھي پر انجيرا ماڳ وارو ڳاڙهو توڙي ڪارو ٺڪر بہ موجود آهي. اهو ٺڪر اترئين بلوچستان سان واسطو رکي ٿو، جتان ڪوئيٽا، دمب سادات، ميان گونڊائي وارا گهري رنگ جا ڪنن وارا ٿانوَن، فيض محمد ماڳ وارا ٿانو وغيرہ ملن ٿا. ڇوٽا ڪپوٽا ۽ سيد موريز واري ماڳ تان آڏيل کڙڪين يا متوازي ليڪن جي چونڪڙين واري ڪنبڙي (Cross-hatched Diamond) ۽ ٽڪنڊن نقشن/ چٽن وارو ٺڪر بہ مليو آهي؛ جنهن جو دائرو ميٽوڙي (Buff)، ڪڪي ڀوري (tan) رنگ جي ٺڪر کان ٿيندو، ڳاڙهي رنگ جي ٺڪر تائين وڃي ٿو، جنهن تي يا تہ بلڪل ليڪون نہ آهن، پر جي ڪٿي ڪٿي آهن، تہ اهي خاڪي- اڇي رنگ جون آهن. ٺڪر تي محدود مهندسي چٽ چٽيل آهن، جيڪي ڪوئٽيائي ٺڪر جي ڀيٽ ۾ گهڻا اڻ چٽا آهن. هن قسم جي ٺڪر جو لاڳاپو شاهي تمپ جي قبرستان مان مليل ٺڪراٺي سان آهي. کوٽائيءَ مھل انهيءَ مونجهاري کي دور ڪرڻ لاءِ تہ متان هن ٺڪر کي شاهي تمپ وارو ٺڪر سمجهيو وڃي، ان کي الڳ سڃاڻپ طور ‘ڪپوٽا ويئر’ جو نالو ڏنو ويو. مٿاڇري تان ‘ڪلي- ميهي’ ثقافتي وٿون بہ مليون آهن. پر هتان ڪلي- ميهي ٺڪراٺو نہ مليو آهي. ٺڪراٺي جي مطالعي ڪرڻ کان پوءِ چئي سگهجي ٿو تہ هيءُ ماڳ چوٿين سهسر کان وٺي ٽئين سهسر جي وچ تائين آباد هو. هن ماڳ کي اوائلي سنڌو تھذيب جو ماڳ ڪري ڳڻيو وڃي ٿو.
هتان ملندڙ ٺڪر ۾ سڌن سنون پاسن سان هڪ پيالو، جيڪو ميٽوڙي رنگ جي ليڪن سان آهي. اهڙائي چٽ چٽيل اٿس جھڙا دمب سادات ۽ ڪوئٽيائي ٺڪر تي ملن ٿا. ڳاڙهو ٺڪر، خاڪي ڪور سان، گهِري ناسي رنگ تي، جنهن مٿان گهڻا ڪنڊي وَرَ (chevron) چٽ چٽيل آهن. رنگن جي ترتيب ٻڌائي ٿي تہ هيءُ ٺڪر زري ويئر سان ڀيٽي سگهبو، پر پڪ سان چئي نٿو سگهجي. هڪ گولائون مرتبان، ڳاڙهي ٺڪر جو، اڇن ليڪن سان، جنهن تي ناسي چٽ چٽيل آهن، اهو ڪوئٽيائي ٺڪر جي نموني جو آهي. سوڙھہ- ڳچو، بتي (Flask) ڳاڙهي ٺڪر جي، جنهن کي اندران کانچا (Grooves) نڪتل آهن. اهڙوگهري ناسي رنگ سان چٽيل ٺڪر دمب سادات واري ٺڪر سان ڀيٽي سگهجي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو