بڙ جو ڍورو: بڙ جو ڍورو ضلعي بدين ۾، بدين شھر کان ڏکڻ طرف 20 ميلن جي مفاصلي تي آهي. هيءُ درياھہ جو پراڻو ڍورو هو، جنهن جي ڪپ تي وڏو قديم بڙ جو وڻ هو، جنهنڪري اهو ڍورو ’بڙ واري ڍوري‘ جي نالي سان مشھور ٿيو. چون ٿا تہ هتي رمضان جت جي ڳوٺ ۾ ميان عظيم شاھہ عرف ميون وڏل رهندڙ هو، جنهن شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو رسالو قلمبند ڪيو، جيڪو ”گنج رسالي“ جي نالي سان مشھور ٿيو. اهو ”گنج رسالو“ شاھہ عبداللطيف ڀٽائي ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاھہ طرفان شايع ڪيو ويو آهي .