بُک (ڪتاب ):هيءُ ڪتاب نارائڻ داس رتن مل ملڪاڻيءَ جو لکيل آهي. ڪرائون سائيز واري هن ڪتاب ۾ 150 صفحا آهن ۽ قيمت اڍائي رپيا ڄاڻايل آهي. سندر ساهتيہ پبليڪيشن طرفان، ٻاپا پرنٽنگ پريس، ڪراچيءَ مان، سال 1946ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. ساڳئي نالي سان مشھور انگريز ليکڪ ’نٽ هيمسن‘ جو ڪتاب (Hunger) (”بک“) سنڌي زبان ۾ پڻ ترجمو ٿي چڪو آهي .