بکر جو قديم ڏيک

بکر جو قديم ڏيک

بکر

بکر: سکر ۽ روهڙيءَ جي وچ ۾ ننڍڙو ٻيٽ، جتي عباسي خليفي هارون الرشيد جي جرنيل شيخ ابوتراب 787ع ۾ اروڙ جي ويرانيءَ کان پوءِ شھر آباد ڪيو ۽ ان جو نالو ”فرشته“ رکيائين. تيرهين صدي عيسويءَ ۾ سيد محمد مڪيءَ جي هتي اچڻ کان پوءِ ان جو نالو ”بکر“ ٿيو. سومرن جي دؤر ۾ سنڌ اندر پهرين سھروردي صوفي خانقاھہ بہ بکر ۾ قائم ٿي. بکر جي قلعي ۾ مغل رهندا هئا، جن مان ڪي ترخانن جي شاخ هئا ۽ ڪي ارغونن جي اولاد مان هئا. هو بکر ۽ ان جي آس پاس وارن علائقن تي قابض هئا. بکر مغل نوابن جي زماني تائين اتر سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ هو. هتي وڏا عالم، تاريخدان ۽ شاعر پيدا ٿيا. ابن بطوطه بہ پنھنجي سفرنامي ۾ هن باوقار ۽ پررونق شھر جو ذڪر ڪيو آهي. انگريزن جي دؤر ۾ هيءُ شھر اُجڙي ويو. هن شھر جي نالي بابت ”قديم سنڌ ۽ ان جا مشھور شھر ۽ ماڻهو“ ۾ ڄاڻايل آهي تہ فارسي ٻوليءَ ۾ هن کي ’بکر‘ يا ’ڀَڪَر‘ ڪري لکندا آهن. هن جو اصلوڪو نالو ’فرشته‘ آهي. هندو راجائن جي ڏينهن ۾ جڏهن هن شھر جو وجود ئي ڪونه هو، تڏهن ”الور“ (هاڻوڪو ”اروڙ“) وڏو شھر هو. جڏهن اُهو ڦٽو، تڏهن بکر آباد ٿيو. پوءِ الور پاڻ بکر جي ٻھراڙيءَ وارو ڳوٺ بڻيو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب ”فتوح البلدان“ جي لفظن ”الرور و بغرور“ جي آڌار تي لکيو آهي تہ هيءُ شھر هندو راڄ جي ڏينهن ۾ بہ موجود هو. تاريخ مان خبر پوي ٿي تہ سمن جي دور ۾ هن شھر کي زبردست سياسي ۽ فوجي اهميت حاصل هئي. ڄام نندي جي دور ۾ هتي پيدا ٿيل بدنظميءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ دلشاد وزير کي مقرر ڪيو ويو هو. ساڳئي وقت ان دور ۾ جيڪي شھر سنڌ اندر واپار توڙي علمي اهميت ڪري مشھور هئا، تن مان بکر بہ اتر سنڌ جو هڪ علمي ۽ واپاري شھر شمار ڪيو ٿي ويو. مير ابوالغيث بکري هتان جي برگزيده شخصيت آهي، جنهن جي طفيل ئي سنڌ مرزا پير محمد ۽ امير تيمور جي حملن ۽ تباهڪارين کان محفوظ رهي. سومرن جي دور ۾ بکر جي قلعي ۾ ناصرالدين قباچه پناھہ ورتي ۽ پوءِ هتي ئي درياھہ ۾ ٻڏي مئو. هڪ راءِ هيءَ بہ آهي تہ اهو پنجاب جو شھر ’ڀَڪَر‘ هو، جتي قباچه ٻڏي مئو هو. هن شھر توڙي قلعي کي هر دور ۾ زبردست سياسي ۽ فوجي اهميت حاصل رهي. ڪلهوڙن جيئن ئي اقتدار حاصل ڪري خدا آباد کي سنڌ جي گادي بنايو، تيئن هن شھر جو زوال شروع ٿيو. ويهين صديءَ ۾ بکر جي قلعي جي تباهي شروع ٿي. سيد محمد مڪي مشهدي بن سيد محمد شجاع سنڌ ۾ آيو تہ پهرين اتي آيو هو. سيد محمد مڪي، مڪي ۾ ڄائو هو، جنهن جي والدہ شيخ شھاب الدين سهرورديءَ جي نياڻي هئي. هن انهيءَ فرشته شھر ۾ ان وقت پير پاتو، جڏهن فجر جو وقت هو، جنهن کي عربيءَ ۾ ”بُڪرة“ چوندا آهن. سيد اتي لھڻ سان ئي چيو تہ ”جعل بڪرتي في بقعة المباٰرڪ“ يعني ”خدا تعاليٰ منهنجو صبح هن برڪت واري ڳوٺ ۾ ڪيو“. اُتي جا سيد، انهي سيد محمد مڪيءَ جو اولاد آهن. سيد حيدر حقاني، مير ميران لوهريءَ وارو بہ ان جي اولاد مان آهي. اڪبر بادشاھہ جي ڏينهن ۾ مير معصوم شاھہ، ڦٽل الور شھر جي سرن مان اتي قلعو ٺهرايو ۽ سکر ۾ منارو جوڙايائين. اهو قلعو پوءِ نادر شاھہ اچي ويران ڪيو. بکر جو قلعو پهرين شيخ ابوتراب عرب ٺهرايو، جنهن جي قبر ميرپور ساڪري تعلقي جي گُجي شھر ۾ آهي. انهيءَ تي سال 171ھہ/788ع لکيل آهي، جنهن جي مرمت وري شاھہ بيگ ارغون ڪرائي. بکر جو قلعو سکر ۽ روهڙيءَ جي وچ تي درياھہ جي پيٽ ۾ واقع آهي. هن قلعي سنڌ جي تاريخ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. ڪنهن وقت ۾ هن کي مرڪزي حيثيت حاصل رهي ۽ فوجي مهمون هتان روانيون ٿينديون هيون. پتو پوي ٿو تہ محمود غزنويءَ جي سپھہ سالار، عبدالرزاق هيءُ قلعو 411ھہ/ 1020ع ۾ فتح ڪيو هو. ڪلهوڙن جي دور ۾ بکر هڪ تعلقي يا سب ڊويزن طور سڃاتو ويندو هو. پوءِ قلعو خيرپور جي ميرن جي ملڪيت بڻجي ويو ۽ انهن کان پوءِ انگريزن جي ملڪيت بڻيو. 1543ع ۾ هتي هڪ جنگ پڻ وڙهي وئي. هي ڪنهن وقت ۾ علائقي جو صدر مقام پڻ رهيو ۽ سنڌ جو تاريخي قلعو آهي. قنڌار جي درانين جي ڏينهن ۾ سنڌ جو سِري وارو پرڳڻو، جنهن ۾ بکر جو قلعو، سکر، شڪارپور ويندي مدئجيءَ تائين شھر ۽ ڳوٺ، ڪي ڏينهن ڪابل قنڌار جي ماتحت هئا. افغان نائب شڪارپور ۾ رهندو هو. سال 1192ھہ/ 1778ع ۾ تيمور شاھہ جي حڪم سان نواب صديق خان، بکر جي قلعي جي نئين سر تعمير ڪرائي. بکر جي قلعي جي ايراضي اوڀر کان اولھہ تائين 800 ۽ ويڪر ۾ 3 سؤ گز هئي. ٽڪري درياءُ کان 25 فوٽ اوچي هئي ۽ قلعي جون ديوارون 30 کان 35 فوٽن تائين بلند هيون، جن تي مضبوط برج اڏيل هئا. قلعي کي ٻہ دروازا، سکر ۽ روهڙيءَ طرف کان هئا. 1838ع ۾ انگريزن جي قبضي ڪرڻ وقت قلعي اندر 25 جهونيون عمارتون هيون ۽ 115 ڊٺل عمارتن جا دڙا هئا، جن مان ڪي زمين کان 15 فوٽ تہ ڪي 20 فوٽ اوچا هئا. روهڙيءَ واري لئنسڊائون پل، جا بکر کان شروع ٿئي ٿي، تنهن جي اڀرندي ۾ پل جي ڀرسان هڪ عمدي عمارت مغلن جي دور جي بيٺل هئي، تنهن کي انگريزن بارود خانو بڻايو هو. پهرين افغان ويڙھہ جي خاتمي کان پوءِ انگريزن بکر جي قلعي کي سياسي قيدين لاءِ جيل خانو جوڙيو. 1931ع ۾ بکر جي قلعي ۾ ملٽري بئرڪون تعمير ڪرائي ملٽري رکي وئي، ڇاڪاڻ تہ قلعو سنڌ جي سرحد تي هو. 1943ع ۾ نيم ملٽري پوليس ”سنڌ رينجرس پوليس“ کي قلعي ۾ رهايو ويو. تنهن کانپوءِ رزرو هٿياربند پوليس 1960ع تائين قلعي کي وسايو. هينئير هن ۾ پاڪستان جا فوجي رهندڙ آهن .
ڌيان ۾ رکڻ جوڳي حقيقت هيءَ بہ آهي تہ سکر ۽ بکر جي وچان وهندڙ وهڪرو، روهڙيءَ ۽ بکر وچان وهندڙ وهڪري کان ويڪر ۾ چوٿين حصي جيترو آهي. سکر ۽ بکر جي وچ واري وهڪري جي ماپ چار سؤ گز آهي. پهرئين دؤر ۾ سکر ۽ بکر جي وچ وارو وهڪرو هيٺ اونهو ڪونه هو. روهڙيءَ ۽ بکر جي وچ واري وهڪري جي وَهڪَ جي تک کي ماٺارو ڪرڻ واسطي، سکر بکر واري تراکڙي وهڪري کي کوٽي ڪجهہ ويڪرو بڻايو ويو آهي. ايسٽ وڪ چوي ٿو تہ ”جتي ڪلي بارن جو گهر آهي، اتي درياھہ وڌيڪ اونهو آهي. هيٺ پاڻيءَ ۾ ڪنهن پراڻي جاءِ جو ٺنڊ آهي. تنهنڪري پاڻي ان سان ٽڪرائي ڪُن هڻندو آهي. جڏهن پاڻي لھي ويندو آهي تہ اهو ٺنڊ نڪري نروار ٿيندو آهي. ٻي ثابتي، جنهن کي رد ڪري نہ ٿو سگهجي، سا خواجہ خضر جي ٿان واري لکت آهي، جنهن مان اهو معلوم ٿيندو ته، ڪهڙي زماني ۾ هاڪڙي جي ڇاڙھہ، اروڙ مٿان پنهنجو وهڪرو مٽائي، بکر جو اولھہ ڏئي وهڻ لڳي هئي“. ٻئي هنڌ اسان کي ٻڌائي ٿو تہ .سکر ۾ هندن جون تاريخي جايون يا تيرٿ موجود ڪونه آهن.“ ملتان ۽ بکر جي سرڪارن ۾ جيڪي درياهي تبديلين اثر پيدا ڪيا، تن جو ذڪر ابوالفضل جي تصنيف کان وڌيڪ، ڪنهن ٻئي ڪتاب ۾ ملي نہ سگهندو. هن ۾ بياس ۽ ستلج جي وچ تي بست جلندر جي ڪهرور علائقي جي ڪيترن ڳوٺن جو ذڪر آندو آهي. ملتان موجودہ دور جيان باري دوآبي ۾ هو. پراچ، اوٻاوڙو، ڀٽي واهڻ (هيءُ ڀٽين جو ماڳ هو)، بليدين جو جمشير، بلوچن جي دودائي، ڏهرن جي ديراوال (موجودہ دور ۾ ديراوار سڏيو ويندو آهي)، ڏهرن جي سوراءِ يا سيوراهي، فتح پور ڳوٺ، ڪهرور، غازي پور جو مهلول، رپڙي راڄپر، دودوخان (هن جو نالو شايد تازو بدلايو ويو آهي ۽ هتان جي ماڻهن جو ذڪر بہ ڪونه ٿو ملي). موءَ (هاڻي هن کي موءَ مبارڪ سڏيو ويندو آهي)، ڀٽين جو ماروت (جيڪو موج ڳڙھہ کان ايڪيھہ ميل اتر- اوڀر طرف آهي)، مهند ۽ سيت پور، اهي سڀ بيرون پنچ ند واري علائقي ۾ شامل آهن. هنن مان دودائي، فتح پور، سيت پور ۽ شايد جمشير سنڌوءَ جي اولاهينءَ ڪنڌيءَ سان آهن. اڳين صديءَ ۾، جيڪا آخري ۽ وڏي اٿل پٿل آئي، تنهن کان پوءِ سيت پور ۽ ٻيا مٽيل نالن وارا ماڳ اڃا درياھہ جي اولھہ پار رهجي ويا هئا ۽ اهي پنج ند کان ٻاهر هئا. اُچ، اوٻاوڙو، ڀٽي واهڻ، سوراءِ يا سوراهيءَ موءَ يا موءَ مبارڪ، ماروت ۽ ٻيا ماڳ اڃا بہ پنج ند واري علائقي کان ٻاهر آهن، پر اهي سنڌوءَ جي اوڀر طرف آهن. ٻئي پاسي جتوئي محال، جيڪي پنجِ ند جي علائقي کان ٻاهر ۽ بکر سرڪار ۾ آهن، سي هن وڏي اٿل پُٿل کان اڳ ۾ ”سيت پور“ جيان سنڌوءَ جي اولھہ ۾ هئا، پر هاڻي جتوئي سنڌ ساگر دوآبي ۾ سنڌوءَ جي اڀرندي پاسي آهن. ماٿيلي جو محال بہ بکر سرڪار ۾ سنڌوءَ جي اڀرندي طرف آهي. ٻيا محال بہ سنڌوءَ جي اوڀر پاسي آهن، انهن مان هڪ اروڙ بہ آهي، جنهن کي قلعو آهي. بکر بہ نهايت سگهارو قلعو آهي. آئين اڪبريءَ ۾ ماٿيلي بدران ”ماتهالا“ ڪري لکيو ويو آهي، جيڪا هِجي غلط آهي. اڪبر نامي جي ڇاپي نَسخي ۾ هيءُ لفظ ”متيلو“ ۽ ڪٿي ”مٿيلو“ آهي. ويد ۽ مئڪ سال 33- 1832ع ۾ هرياري گهاري يا نيلي درياءُ وٽان اُڪريا هئا، انهن بہ هن گڏيل وهڪري کي غلطيءَ وچان ستلج سڏيو آهي. سندن چوڻ آهي تہ ”چڪرا“ (چاڪر)، جيڪو غوثپور کان چار ڪوه اتر اوڀر طرف آهي، سو سنڌوءَ کان گهوڙيسواريءَ رستي ڏهن منٽن جي پنڌ تي آهي. مٺڻ ڪوٽ ان وقت جي الهندي يا ساڄي ڪناري کان ٽي ميل پري هو. هنن ”چڪرا“ جي ماڳ وٽان وهڪرو پار ڪيو، جيڪو پنج ند سان سنگم کان پوءِ ڪجهہ هيٺ ڀرو هو. اهو نئون پنج ند آهي، جنهن جو ذڪر سندن تصنيف ۾ موجود آهي. سندن چوڻ آهي تہ پنج ند جو پاڻيڳنڀير ڳوٺ“ ۽ ”مھر ڳوٺ“ جي وچ تي هڪ وڏي وهڪري ۾ پئجي رهيو هو. ”مھر جو ڳوٺ“ مذڪوره سنگم کان اڀرندي پاسي آهي، ان دور ۾ جڏهن چاڙھہ ٿيندو هو تہ مٺڻ ڪوٽ جي چوڌاري پاڻي ڦري ويندو هو .


لفظ بکرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو