بکري بندر: هي بندر سنڌوءَ جي قديم بندرن مان هڪ هو، جيڪو ڪمال ديري بندر جي ويجهو هو. هي بندر ٽڳر بادبان جيترو پراڻو بندر هو. بکري شھر بکر جي راجائن ٻڌرايو هو ،جيڪو قديم زماني کان درياھہ جي ڪناري تي آباد هو. هتان جا ماڻهو ڀاڳيا هئا ، هتي ملاح بہ رهندا هئا، جن وٽ وڏيون ٻيڙيون هونديون هيون. روايت آهي تہ بکري شھر ٻہ يا ٽي دفعا سنڌو درياھہ پاتو هو، پر وري بہ درياھہ جي ڪناري تي شھر آباد پئي ٿيو. سنڌو درياھہ اتان جي ماڻهن جي جياپي ۽ گذر سفر جو ذريعو هو. هن بندر جي اتر ۽ ڏکڻ ۾ وڏا ٻيلا هئا، هاڻي صرف بکري ٻيلي، بکري جي ڍنڍ ۽ بکريءَ جي پتڻ جا يادگار وڃي بچيا آهن. سنڌ جو نامور ملھہ پهلوان شير مير بحر بکري شھر جو ويٺل هو. بکريءَ ۾ درياھہ جي ڪناري سان (پلرن) ٿنڀن تي هڪ مندر بہ ٺهيل هو، جڏهن درياھہ چڙهندو هو تہ مندر جي هيٺان وهندو هو، جيڪو پوءِ درياھہ پائي ويو. درياھہ جي ٻنهي ڪنارن تي مندر ٺهيل هئا. بکريءَ جو تڙ وسندڙ هو. بکريءَ جي آسپاس جام آبادي هئي جتان اناج، تيلي ٻج، ماکي، سٺو گيھہ، ٻاهر ويندا هئا ۽ ريزڪي سامان جي دڪانن جون شيون سکر بندر ۽ حيدرآباد کان ٻيڙين ۾ کڄي اينديون هيون. سکر ۽ حيدرآباد کان ڪپڙو هن بندر ذريعي ايندو هو. سکر ۽ حيدرآباد ڏانهن ڀاڳو ديري جو رڱيل چمڙو ٻيڙين رستي کڄي ويندو هو. هن بندر تان لاک، کؤنر بہ سٺي انداز ۾ ٻاهر ويندو هو. هن تڙ تي پلن جي مڏي بہ هئي، جنهن تي ملاحن جو صبح سانجهي چهچٽو لڳو پيو هوندو هو.