بکر فقير سومرو: بکر فقير ولد صاحبڏنو (اول) سومرو 1787ع ڌاري پنھنجي اباڻي ڳوٺ ڌاران پور ۾ پيدا ٿيو. (اهو ڳوٺ 1837ع واري ٻوڏ ۾ تباھہ ٿي ويو). سندس والد بزرگ مياڻي ڳوٺ ۾ ڄائو هو، کيس بلبل ۽ ڪامل نالي ٻہ ٻيا پٽ بہ ٿيا، بکر سندس ننڍو پٽ هو. درياھہ کي جيئن تہ مناسب جوڳا بچاءَ بند نہ هئا، ان ڪري ڪچي وارا ڳوٺ سدائين خطري ۾ رهندا هئا. ان ڪري هي ٽيئي ڀائر لڏي اچي وري مياڻي ۾ ويٺا، جتي سندن خاندان جا ٻيا ماڻهو بہ آباد هئا. 1937ع کانپوءِ هي ٽِئي ڀائر لڏي اچي ٽنڊي علي شير ۾ ويٺا. بکر فقير هڪ اهل ﷲ ۽ سالڪ هو. هي ميرن جي دؤر جو شاعر هو، سندس ڪجهہ بيت بہ مليا آهن. هن شادي نہ ڪئي هئي ۽ سڄي ڄمار ائين گذاريائين. اٺونجاھہ سالن جي ڄمار ۾ 1845ع ۾ ٽنڊي علي شير ۾ وفات ڪيائين، سندس مزار بہ اتي آهي. نموني طور سندس هڪ بيت پيش ڪجي ٿو:
ساجن تنھنجي ساھہ جو سوهو ناهي سڀاءُ،
راڻا ايندين رات جو، اٿي ويھہ ﷲ
آهي منجهہ الله، ڌيان ڌري پھہ پچاءِ،
راڻا ’بکر‘ چوي سنجهاءِ، وينڌو ساءِ سپرين.