بکر فقير شھيد: بکر شھيد ذات جو پنهور هو. ڪن روايتن ۾ هيءَ فقير ذات جو لنڊ بلوچ هو. ڪي وري کيس رودناڻي سڏين ٿا.ڪلهوڙن جي حڪمران ميان نصير محمد ڪلهوڙي جو امير ڪبير ۽ مريد هو، ميان صاحب سان هميشہ سفر ۾ گڏ رهندو هو ۽ مغلن خلاف عوامي انقلابي جٿن کي منظم ڪندو رهندو هو. ليکڪ عزيز ڪنگراڻي لکي ٿو تہ هڪ رات هڪ پيرسن عورت جي ڪي شاهينگ چوري ڪري رهيا هئا تہ اها پيرسن عورت سجاڳ ٿي پئي. هن دانهون ڪيون، دانهون ٻڌڻ تي بکر شھيد ان عورت جي مدد لاءِ ڊوڙندو آيو ۽ چورن سان وڙهندي شھيد ٿي ويو. کيس ڳوٺ طالباڻي لنڊ کان اٽڪل ٻہ ڪلوميٽر اتر-اولھہ ۾ دفنايو ويو. سندن دوستن فقيرن مٿس مقبرو تعمير ڪرايو، جيڪو اڄ بہ موجود آهي.شھيد نالي پٺيان ڪاڇي۾ هڪ ديھہ پڻ موجود آهي.