مراد علي شاهه بڪيرائي

مراد علي شاهه بڪيرائي

بڪيرائي مراد علي شاهه

بُڪيرائي، مراد علي شاهه: نوجوان مراد علي شاهه ’بڪيرائي‘ 19 آڪٽوبر 1974ع تي بڪيرا شريف ۾ سيد علي محمد شاهه جي گهر ۾ ڄائو. 1979ع ۾ پرائمري اسڪول بڪيرا شريف مان تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ مئٽرڪ پراونشل هاءِ اسڪول ۽ انٽر ايس. ايم ڪاليج ٽنڊي الهيار مان ڪيائين. مراد علي شاهه بڪيرائيءَ جي سڃاڻپ ڪارٽونسٽ، مصور، صحافي، شاعر ۽ ليکڪ طور آهي. 1997ع ۾ سندس ڪارٽونن جو ڪتاب ”انڌن اڳيان آئينا“ شايع ٿيو. 1995ع کان اپريل 1996ع تائين ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان ٻارڙن لاءِ دلچسپ ۽ معلوماتي سلسلا پيش ڪندو رهيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1974.10.19  عيسوي

مراد علي شاهه بڪيرائي 19 آڪٽوبر 1974ع تي بڪيرا شريف ۾ سيد علي محمد شاهه جي گهر ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

دائود بلوچ
عبدالفتاح ميمڻ 1
ابوبڪر سڌايو
ثانيه مرزا
راجا هرش
اوستو سچيڏنو
الاهي بخش خميساڻي جسٽس
پرڀداس ويرواڻي
ٽيٽم ايڊوارڊ ايل
ابن حيات پنهور
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون