بگهاڙ واهه: ضلعي ٺٽي ۾ سنڌونديءَ جو هڪ قديم ڦاٽ. هن وقت ڪوٽڙي بئراج مان نڪتل وڏو واهه، جيڪو ”بگهاڙ ڪلري فيڊر“ جي نالي سان سڏجي ٿو. ٺٽي ضلعي جو وڏو حصو هن واهه مان آباد ٿئي ٿو. ارغونن جي دؤر ۾ سنڌونديءَ جا ٽي مکيه وهڪرا هوندا هئا، جن مان هڪ بگهاڙ هو. ٻيا ٻه وهڪرا، ريڻ ۽ مهراڻ هئا. قديم مهراڻ واري وهڪري مان بگهاڙ واهه، هيلاين وٽان ڦٽندو هو ۽ پير پٺي جي درگاهه واري ٽڪريءَ جي اوڀر وٽان ڦري، ساڪري ڏانهن رخ ڪندو هو، جتان پوءِ لاهري (لاڙي) بندر وٽ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. ان وقت هن ڦاٽ مان حجامڙو، ستاهه ۽ ٻيا ننڍا واهه نڪرندا هئا. جنرل هيگ جي لکت موجب، ”بگهاڙ، سنڌونديءَ جي هيٺئين حصي سان لاڳاپيل هڪ وڏيءَ ڊيگهه وارو ڦاٽ هو. هيءُ ڦاٽ ڪيترين ئي کارين، جهڙوڪ ريچل (Richal)، شيشا (Shisha)، پٽياڻي (Pitiani)، کُڏي (Kudi) ۽ ڦٽي/ پِٽيءَ (Phiti) وسيلي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. هن جو گهڻو پاڻي ”شيشا کاريءَ“ ۾ ايندو هو.“ اصل ۾ هيءُ ڦاٽ مهراڻ جي پراڻي شاخ آهي. ڪئپٽن ڪارليس هن واهه کي ”بگهاڙ درياهه“ سڏيو آهي. 1758ع ۾ جڏهن درياءُ پنهنجو وهڪڙو ڦيرائي، نصرپور بدران هالن وٽان وهڻ لڳو ته انهي تبديليءَ جو بگهاڙ شاخ تي وڏو اثر پيو ۽ اهو هڪ خاص واهه بنجي ويو. ان وقت اهو واهه شاهبندر وٽان لنگهندو هو. 1819ع واري زلزلي کان پوءِ هيءُ واهه شاهبندر وٽان به وهڪرو بدلائي، ٺٽي جي ويجهو وهڻ لڳو .
البيروني، ”ڪتاب الهند“ ۾ سنڌونديءَ جي ٻن مکيه ڇوڙ وارين شاخن جو ذڪر ڪيو آهي، هڪ ”منهن صغرى“ (ننڍو منهن) ۽ ٻيوا ڳتي ڏکڻ- اڀرندي طرف ”منهن ڪبرى“ (وڏو منهن). موجوده تحقيق موجب انهيءَ ”ننڍي منهن“ کي بگهاڙ تسليم ڪيو ويو آهي. تاريخن ۾ ”ساڪري ناري“ جو به ذڪر اچي ٿو، جتان محمد بن قاسم نيرون ڪوٽ (نئن رنيڪوٽ) ڏانهن ويندي، پنهنجو جنگي سامان ٻيڙين وسيلي اڪاريو هو. تحقيق موجب اهو ساڪرو نارو، قديم بگهاڙ ڦاٽ آهي. اهوئي ساڪري پرڳڻي مان وهندو رهيو آهي. ان وقت بگهاڙ ننڍڙو واهڙ هو، جيڪو 300 سال پوءِ، 11 صدي عيسويءَ جي اوائل ۾ ٻيو نمبر وڏو درياهه بڻيو. بگهاڙ جو قديم پيٽ ميرپورساڪري تعلقي (ضلعي ٺٽي) ۾ نمايان طور موجود آهي، جيڪو هيٺ ميرپورساڪري ۽ ٻُهارن جي شهر جي وچان اولهه طرف هلي، ٻهارن جي شهر کان اٽڪل ٽي چار ميل اولهه طرف ور کائي، ڏکڻ طرف وهندو، سڌو وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. 1831ع ۾ جڏهن اليگزينڊر برنس سنڌو درياهه پار ڪيو، تڏهن بگهاڙ واهه ٽن سالن کان سُڪل حالت ۾ هو. 1837ع ۾ بگهاڙ واهه بلڪل ويران ٿي ويو. ان کان اڳ 1794ع ڌاري هيءُ واهه ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو هو، جن مان هڪ حصو ستاهه واهه جو هو. ان وقت اهي ٻئي واهه (بگهاڙ ۽ ستاهه) جهاز رانيءَ جي قابل هئا ۽ وڏا غوراب انهن ۾ ترندا رهندا هئا. چون ٿا ته ان دؤر ۾ پير پٺو، بگهاڙ واهه جو هڪ بندر هوندو هو. بگهاڙ واهه جو پڇڙيءَ وارو ڦاٽ، راهو (Raho) هو، جنهن جي ڪنڌيءَ تي سنڌ جو قديم بندر، لاهري (لاڙي) آباد هوندو هو. 1954ع ۾، ڪوٽڙي بئراج ٺهڻ کانپوءِ ”بگهاڙ ڪلري فيڊر“ جي نالي سان، ڄامشوري وٽان واهه ڪڍيو ويو آهي. بگهاڙ واهه جو منهن ڪينجهر ڍنڍ مان نڪرندو هو، پر پوءِ اُن کي سڌو کوٽي، ملايو ويو آهي. هن واهه تي ٽانڪا، وَر، غلام الله، ٻهارا ۽ ميرپورساڪري جا شهر آباد آهن. بگهاڙ واهه سنڌ جي لاڙ واري خطي، خاص ڪري ضلعي ٺٽي ۾ آبپاشيءَ جو مکيه وسيلو آهي .