بگهاڙ واھہ: ضلعي ٺٽي ۾ سنڌونديءَ جو هڪ قديم ڦاٽ. هن وقت ڪوٽڙي بئراج مان نڪتل وڏو واھہ، جيڪو ”بگهاڙ ڪلري فيڊر“ جي نالي سان سڏجي ٿو. ٺٽي ضلعي جو وڏو حصو هن واھہ مان آباد ٿئي ٿو. ارغونن جي دؤر ۾ سنڌونديءَ جا ٽي مکيہ وهڪرا هوندا هئا، جن مان هڪ بگهاڙ هو. ٻيا ٻہ وهڪرا، ريڻ ۽ مهراڻ هئا. قديم مهراڻ واري وهڪري مان بگهاڙ واھہ، هيلاين وٽان ڦٽندو هو ۽ پير پٺي جي درگاھہ واري ٽڪريءَ جي اوڀر وٽان ڦري، ساڪري ڏانهن رخ ڪندو هو، جتان پوءِ لاهري (لاڙي) بندر وٽ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. ان وقت هن ڦاٽ مان حجامڙو، ستاھہ ۽ ٻيا ننڍا واھہ نڪرندا هئا. جنرل هيگ جي لکت موجب، ”بگهاڙ، سنڌونديءَ جي هيٺئين حصي سان لاڳاپيل هڪ وڏيءَ ڊيگهہ وارو ڦاٽ هو. هيءُ ڦاٽ ڪيترين ئي کارين، جھڙوڪ ريچل (Richal)، شيشا (Shisha)، پٽياڻي (Pitiani)، کُڏي (Kudi) ۽ ڦٽي/ پِٽيءَ (Phiti) وسيلي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. هن جو گهڻو پاڻي ”شيشا کاريءَ“ ۾ ايندو هو.“ اصل ۾ هيءُ ڦاٽ مهراڻ جي پراڻي شاخ آهي. ڪئپٽن ڪارليس هن واھہ کي ”بگهاڙ درياھہ“ سڏيو آهي. 1758ع ۾ جڏهن درياءُ پنهنجو وهڪڙو ڦيرائي، نصرپور بدران هالن وٽان وهڻ لڳو تہ انهي تبديليءَ جو بگهاڙ شاخ تي وڏو اثر پيو ۽ اهو هڪ خاص واھہ بنجي ويو. ان وقت اهو واھہ شاهبندر وٽان لنگهندو هو. 1819ع واري زلزلي کان پوءِ هيءُ واھہ شاهبندر وٽان بہ وهڪرو بدلائي، ٺٽي جي ويجهو وهڻ لڳو .
البيروني، ”ڪتاب الهند“ ۾ سنڌونديءَ جي ٻن مکيہ ڇوڙ وارين شاخن جو ذڪر ڪيو آهي، هڪ ”منهن صغرى“ (ننڍو منهن) ۽ ٻيوا ڳتي ڏکڻ- اڀرندي طرف ”منهن ڪبرى“ (وڏو منهن). موجودہ تحقيق موجب انهيءَ ”ننڍي منهن“ کي بگهاڙ تسليم ڪيو ويو آهي. تاريخن ۾ ”ساڪري ناري“ جو بہ ذڪر اچي ٿو، جتان محمد بن قاسم نيرون ڪوٽ (نئن رنيڪوٽ) ڏانهن ويندي، پنهنجو جنگي سامان ٻيڙين وسيلي اڪاريو هو. تحقيق موجب اهو ساڪرو نارو، قديم بگهاڙ ڦاٽ آهي. اهوئي ساڪري پرڳڻي مان وهندو رهيو آهي. ان وقت بگهاڙ ننڍڙو واهڙ هو، جيڪو 300 سال پوءِ، 11 صدي عيسويءَ جي اوائل ۾ ٻيو نمبر وڏو درياھہ بڻيو. بگهاڙ جو قديم پيٽ ميرپورساڪري تعلقي (ضلعي ٺٽي) ۾ نمايان طور موجود آهي، جيڪو هيٺ ميرپورساڪري ۽ ٻُهارن جي شھر جي وچان اولھہ طرف هلي، ٻهارن جي شھر کان اٽڪل ٽي چار ميل اولھہ طرف ور کائي، ڏکڻ طرف وهندو، سڌو وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. 1831ع ۾ جڏهن اليگزينڊر برنس سنڌو درياھہ پار ڪيو، تڏهن بگهاڙ واھہ ٽن سالن کان سُڪل حالت ۾ هو. 1837ع ۾ بگهاڙ واھہ بلڪل ويران ٿي ويو. ان کان اڳ 1794ع ڌاري هيءُ واھہ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو هو، جن مان هڪ حصو ستاھہ واھہ جو هو. ان وقت اهي ٻئي واھہ (بگهاڙ ۽ ستاھہ) جھاز رانيءَ جي قابل هئا ۽ وڏا غوراب انهن ۾ ترندا رهندا هئا. چون ٿا تہ ان دؤر ۾ پير پٺو، بگهاڙ واھہ جو هڪ بندر هوندو هو. بگهاڙ واھہ جو پڇڙيءَ وارو ڦاٽ، راهو (Raho) هو، جنهن جي ڪنڌيءَ تي سنڌ جو قديم بندر، لاهري (لاڙي) آباد هوندو هو. 1954ع ۾، ڪوٽڙي بئراج ٺھڻ کانپوءِ ”بگهاڙ ڪلري فيڊر“ جي نالي سان، ڄامشوري وٽان واھہ ڪڍيو ويو آهي. بگهاڙ واھہ جو منهن ڪينجهر ڍنڍ مان نڪرندو هو، پر پوءِ اُن کي سڌو کوٽي، ملايو ويو آهي. هن واھہ تي ٽانڪا، وَر، غلام الله، ٻھارا ۽ ميرپورساڪري جا شھر آباد آهن. بگهاڙ واھہ سنڌ جي لاڙ واري خطي، خاص ڪري ضلعي ٺٽي ۾ آبپاشيءَ جو مکيہ وسيلو آهي .