استاد بگو جروار

استاد بگو جروار

بگو جروار استاد

بگو جروار، استاد: فنڪار ۽ موسيقار، سندس اصل نالو محمد اسحاق پٽ گل محمد جروار آهي. سندس جنم 1954ع ڌاري ٽنڊي الهيار جي قديم ڳوٺ بيگن جروار ۾ ٿيو. موسيقيءَ جي سکيا استاد ڏيوجي ڀڳت، استاد غفور مڱڻهار ۽ ٻين کان ورتي. سنڌ اندر ٿيندڙ ڪيترن ئي ميلن ۾ پنھنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي. سنڌي ناچ جي بہ سٺي ڄاڻ اٿس. 1992ع ڌاري ’جاگيردار جو ظلم‘ جي نالي سان هڪ سنڌي فلم ۾ مُک اداڪار ۽ ڊائريڪٽر طور ڪم ڪيو اٿائين. 2004ع وارين بلدياتي چونڊن يونين ڪائونسل بيگن جروار جو ڪائونسلر منتخب ٿيو. موسيقيءَ جي فن ۾ ڪيترائي شاگرد تيار ڪيا اٿس. هن وقت علائقي جي هڪ سماجي ڪارڪن طور ڪم پيو ڪري .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1954.00.00  عيسوي

استاد بگو جروار 1954ع ڌاري ٽنڊي الهيار جي قديم ڳوٺ بيگن جروار ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ابن سينا
چاڳلا غلام علي
نذير احمد سانگي ڊاڪٽر
سيد محمد وريل شاھہ سبزواري
شيخ ارشاد
ڪرشن شرما
انيتا غلام علي
پاپائيت
ھدايت ﷲ پريم آخوند ڊاڪٽر
خواجہ خطير
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون