بگو شير درگاھہ

بگو شير درگاھہ: بگي شير جو اصل نالو محمد مستقيم ولد شھيد محمد حسين هو . سندس آخري آرام گاھہ ڳوٺ ’چيچڙي‘ تعلقي پني عاقل ۾ آهي . هي هڪ وڏو عالم دين ۽ ڪامل ولي ٿي گذريو آهي ، سندس واسطا راشدي خاندان ، لوءِ صاحبان جي ساداتن ۽ کهڙن جي مخدوم عبدالخالق سان هئا . هن درگاھہ ۾ سلطان حضرت سلطان دائم بہ ابدي آرامي آهن ، بگي شير جي گاديءَ تي نيرو لباس پائڻ جي رسم آهي . شڪارپور جي مشھور درگاھہ جو ” ميان جامي “ سندس وڏو فرزند هو ، جنهن جون ڪيئي ڪرامتون علائقي ۾ مشھور آهن .


هن صفحي کي شيئر ڪريو