بگٽي

بُگٽِي: بلوچن جو هڪ قبيلو آهي، جيڪي مڪران جي ’بُگ‘ نالي قلعي ۾ رهندا هئا، جنهن ڪري مٿن نالو ”بگٽي“ پئجي ويو. هي خاندان سنڌ ۽ بلوچستان ۾ پکڙيل آهي. سندن وڏو مرڪز ”ديره بگٽي“ آهي، جتي سندن مرحوم سردار محمد اڪبر خان بگٽي رهندو هو. گذريل دور ۾ انگريزن رڳو بگٽين جي حملن کي روڪڻ لاءِ جيڪب آباد ۾ ڇانوڻي قائم ڪئي هئي. بگٽين جا هيٺيان پاڙا آهن: ’راهيجا‘، ’شَهباڻي‘، ’بخشلاڻي‘، ’چاڪراڻي‘، ’گدري‘، ’بُگٽي‘، ’ميرواڻي‘، ’ڪيارائي‘، ’مندراڻي‘، ’ڪلپر‘، ’مشوري‘، ’نوتاڻي‘، ’سُندراڻي‘، ’زرڪاني‘ ۽ ’بُگراڻي‘. جلال خان سان، جيڪي 44 گهراڻا ايران ڇڏي سنڌ ۾ وارد ٿيا هئا، تن ۾ هڪ گهراڻو ”مير راهيجي“ جو هو. ان گهراڻي جا پويان ”راهيجا“ سڏجن ٿا. مير راهيجن جي ويهين پيڙهيءَ ۾ سردار بيبرڪ خان زرقاني، گرگيج قبيلي کي شڪست ڏئي موجوده بگٽي علائقو حاصل ڪيو هو. گرگيجن کان اڳ انهيءَ علائقي تي بُليدين جو راڄ هو. اصل بگٽي زرقاني قبيلا (1) راهيجا، (2) نوتاڻي، (3) ڪَلپر، (4) ڦانگ ۽ (5) شهباڻي آهن. انهن زرقاني قبيلن کان علاوه ٻين بلوچ قبيلن جا ماڻهو به باهمي رنجشن سبب پنهنجا قبيلا ڇڏي اچي بگٽين سان گڏيا، جهڙوڪ ’سندراڻي‘، ’رند‘، ’راهيزي‘، ’هيجباڻي‘ ۽ ’مُشوري‘ وغيره. سردار جي پڳ جي دستاربندي به مُسوري قبيلو پنهنجن هٿن سان ڪندو آهي. جان جيڪب جي دور ۾ بگٽي قبيلي جو سردار ”بيبرڪ خان“ هو، جو نواب اڪبر بگٽيءَ جو پڙڏاڏو هو .


لفظ بگٽيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو