بيگ بين

بيگ بين

بگ بين

بگ بين (Big Ben ):لنڊن جو مشھور ۽ تاريخي گهڙيال، جيڪو پارليامينٽ هائوس لنڊن ۾ سن 1856ع ۾ نصب ڪيو ويو. هن گهڙيال جي ڊائل جو قطر 12 فوٽ آهي. ان جي وڏي سئيءَ جي ڊيگهه 11 فوٽ آهي. هي گهڙيال 31 مئي 1859ع تي چالو ٿيو. هي گهڙيال ڪجهہ عرصو بند رهيو. باقي سڄو عرصو اڄ تائين مسلسل هلي رهيو آهي. هيءُ گهڙيال جنهن ٽاور ۾ نصب ٿيل آهي، ان جي ڊيگهہ 316 فوٽ آهي. لنڊن جا ماڻهو پنھنجي واچن ۽ گهڙيالن جو وقت، بگ بين جي ٽائيم سان ڀيٽيندا آهن. هي گهڙيال سڄي رات روشن رهندو آهي. ٻيءَ عالمي جنگ دوران، لنڊن تي بمباريءَ وقت هن گهڙيال کي ڪجهہ نقصان بہ پهتو هو، بگ بين کي دنيا جي عجوبن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو