بھاءُ الدين ”بَهائي“: هن شاعر، اديب ۽ بزرگ جو جنم، تعلقي ميرپورماٿيلي، ضلعي گهوٽڪيءَ جي ڳوٺ سلطان گبول ۾ 1239ھہ/ 1823ع ۾ ٿيو. گهوٽڪيءَ جي مدرسي مان ديني علم جي تڪميل ڪري، ڪجهہ وقت انهيءَ مدرسي جو اُستاد بہ رهيو. بھاولپور جي سردار رحيم بخش وٽ فارسي شاعر جي حيثيت سان ڪجهہ وقت ملازمت ڪيائين. زندگيءَ جو گهڻو حصو سير ۽ سياحت ۾ گذاريائين. توڪلي ۽ سادي سودي زندگي گهارڻ جو عادي هو. فارسيءَ جو قادرالڪلام شاعر ٿي گذريو آهي. هڪڙو ديوان، مثنوي ”خورد خواب“ ۽ ”ڪريما بھائي“ سندس تصنيفون آهن.