بھاؤالدين

بھاؤالدين: بھاؤالدين ولد ڦلڻ خان مھر ڳوٺ عزيز پور تعلقي پني عاقل جو ويٺل هو. ويجهڙائيءَ واري زماني جو شاعر ٿي گذريو آهي مولود، مداحون، بيت، ڪافيون ۽ ڏور جا بيت بہ چيا اٿس. يعني شاعريءَ سان گڏ سگهڙپائيءَ جو شوق بہ هوس. مدح لاءِ اندروني قافيه نهايت ضروري سمجهيو ويندو آهي. هن قسم جي مداح جي شروعات ميان سرفراز ڪلهوڙي ڪئي. ان کانپوءِ جن بہ شاعرن مداحون چيون آهن، تن اندروني قافين جو لحاظ رکيو آهي. بھاؤالدين بہ انهيءَ قسم جو لحاظ رکيو آهي. مثال:
ڀـرم تـون آن ڪـرم تون آن، رحم تون رحمان جو
ســردار تـون گلــزار تـون، آڌار تـون ايمـان جــو؛
حبيب تون عجيب تون، نقيب تون رحمان جو؛
ننگ پال تون من سـوال تون، ڪر ڀال تون سڀ دان جو؛
رس يـا رســـول تـون يــا نبـي نـورالــهـدى؛
منظـور ڪريان مصطفيٰ، مقصد سگهڙو محمدا.


لفظ بھاؤالدينھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو