بهائي

بهائي

بھائي

بَهَائِي: هڪ فرقي جو نالو، جنهن جو اڳواڻ ”بَهاءُ “ نالي هڪ شخص ايران ۾ ٿي گذريو آهي. تفصيل هن ريت آهي: هن مذهب جو بنياد مرزا حسن علي نوريءَ رکيو، جنهن کي سندس اڳواڻ علي محمد باب، بھاءُ جو لقب ڏنو هو. علي محمد باب پاڻ کانپوءِ هڪڙي شخص جي ظھور جي خبر ڏني هئي، جنهن کي پاڻ ”يُظهرِالله“ جو نالو ڏنائين ۽ هڪڙي بيان ۾ ظھور جو ويجهو دور بہ ٻڌايو هئائين. آخر بابين مان هڪڙي شخص ”يُظهِر “ جي دعويٰ ڪئي، ليڪن مرزا يحيٰ (صبح ازل) ۽ مرزا حسن علي (بھاءُ ) ان جي سخت مخالفت ڪئي. اتفاق سان اهو شخص قتل ٿي ويو. ان کان پوءِ بہ ڪيترن ئي بابين ”يُظهرِالله“ هجڻ جي دعويٰ ڪئي. بھاءُ 1265ھہ/ 1848ع ۾ جنگ قلعه شيخ طبرسيءَ لاءِ ويندي واٽ تي گرفتار ٿي ويو. حڪومت سڄي قافلي کي وڌيڪ پڇا ڳڇا لاءِ آمل ڏانهن روانو ڪري ڇڏيو. رستي ۾ موقعو ڏسي، هڪڙي ماڻهوءَ سندس سڀ لکتون درياھہ ۾ ٻوڙي ڇڏيون. اها سندس ٻي گرفتاري هئي. ٽين گرفتاري، شاھہ ايران نصيرالدين شاھہ تي بابين جي حملي وقت ٿي. قيد مان رهائيءَ کان پوءِ بھاءُ آڪٽوبر 1852ع (يا 1863ع) ۾ دعويٰ ڪئي تہ دراصل هو ئي ”يُظهرِالله“ آهي. بابين جي اڪثريت بھاءُ جي دعوت کي قبول ڪيو هو.
بهائيت اسلام جو ڪو فرقو نه، پر هڪ جدا مذهب آهي ۽ ان جا مڃيندڙ پنھنجي خيال ۾ ان کي ٻين مذهبن کان بهتر سمجهن ٿا. سندن چوڻ آهي ته، قانون ارتقا جو طبعي نتيجو اهو آهي تہ بعد ۾ ايندڙ پهرئين کان بهتر ۽ افضل هوندو آهي. بھاءُ جي دعويٰ ڪهڙي هئي؟ ان جو جواب ڏيڻ آسان ناهي. البت هو بھاءُ جي باري ۾ اهو تصور رکن ٿا تہ بھاءُ ڄڻ تہ خود خدا جو انساني ضرورتن سان ظھور آهي، ۽ اُن انسانيت جو لباس اوڍيو هو. جيئن ڊاڪٽر خيرالله ٻڌايو آهي تہ 1852ع ۾ (نعوذ باالله) خداءِ مجسم، يعني بھاءُ ظاهر ٿيو. آمريڪا ۾ بھائي ٿيڻ لاءِ جيڪو بيعت فارم شايع ڪيو ويو آهي، تنهن جا لفظ آهن: ”اي اعظم (يعني عبدالبها) خدا جو نالو وٺي آءٌ نهايت عاجزيءَ سان پنھنجي خالق برتر توانا خدا جي توحيد جو اقرار ڪريان ٿو ۽ خدا جي انساني شڪل ۾ ظاهر ٿيڻ تي منهنجو ايمان آهي.“ بَهائي ڪتابن ۾ اڳين نبين جا دور ڄاڻايا ويا آهن، ليڪن بهائين وٽ، بھاءُ جي آمد کان پوءِ سڀني نبين جو دور، جيڪو آدم کان وٺي شروع ٿيو هو، سو ختم ٿيو. مقصد تہ جملي نبين جي دين کي تہ سچو مڃين ٿا، ليڪن سندن خيال ۾ هاڻي بھائي مذهب بھترين مذهب آهي ۽ هاڻي گذريل شريعتن تي نه، پر بھائي شريعت تي عمل مان ئي نجات ملندي. بهائين ۾ باجماعت عبادت جو سلسلو ڪونه ٿو ڏسجي، البت ان جي مقصد لاءِ خاص قسم جي عمارت تجويز ڪئي وئي آهي، جنهن جي باري ۾ هدايت ڏني وئي آهي تہ اها گول هجي. مٿان 9 حصن ۾ ورڇيل وڏو گنبذ ٺهيل هجي. 10 مئي 1912ع تي شڪاگو جي ڀرسان مشيگن ڍنڍ جي ڪپ تي ”مشرق الاذڪار“ جو سنگ بنياد عبدالبها رکيو، جنهن جو افتتاح 2 جون 1953ع تي ولي امرالله شوقي افنديءَ جي آمريڪن زال جي موجودگيءَ ۾ ٿيو. ان کان اڳ پهريون مشرق الاذڪار 1902ع ۾ ۽ پوءِ 1962ع ۾ بہ عشقه آباد (اڳوڻي روس) ۾ هڪ ”مشرق الاذڪار“ تعمير ٿيو هو. تازو ڀارت جي گاديءَ واري شھر دهليءَ ۾ پڻ هڪ تمام وڏي ايراضيءَ تي جوڙيل اهڙي عمارت تعمير ڪئي وئي آهي، جيڪا بھائي مذهب جي پوئلڳن کانسواءِ سياحن لاءِ بہ کولي وڃي ٿي. بھائي شريعت ۾، مذهب ۽ ملت جي فرق کان سواءِ شاديون ڪرڻ بہ جائز آهن. هڪڙي وقت ۾ گهڻيون زالون بہ ڪري سگهجن ٿيون. خود بھاءُ جون ٻہ زالون هيون. مهر، پنجانوي مثقال سون کان وڌيڪ جائز نہ آهي. بھائي شريعت ۾ بہ سزا جزا جو تصور آهي. گهرن کي ساڙڻ واري کي ماري ڇڏڻ يا عمر قيد جي سزا آهي. زنا جي سزا نو مثقال ڏنڊ آهي. بھائي سال ۾ 5 عيدون ملهائيندا آهن. (1) ظھور بھاءُ تي عيد رضوان، (2) عيد بعثت باب، (3) عيد ميلاد بھاءُ الله، (4) عيد ميلاد باب ۽ (5) عيد نوروز. بهائين کي 19 ڏينهن روزن رکڻ لاءِ چيو ويو آهي، يعني بابي تقويم جي ماھہ اعليٰ ۾، جيڪو 2 مارچ کان شروع ٿي 21 مارچ تي ختم ٿي ويندو آهي. تڏهن بهائين جي عيد نوروز ٿيندي آهي. بهائين جو دعائيه طُغرو، جيڪو عموماً سندن گهرن ۽ ڪاروبار وارن هنڌن تي لڳل هوندو آهي، ان جا لفظ آهن: ”يا بَهَاءُ لابها“.


لفظ بھائيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو