بھادرپور: هن نالي سان جيڪب آباد ۽ دادوءَ ضلعن ۾ جدا جدا ٻہ ديهون ۽ تعلقي ٺل ۾ هڪ ڳوٺ آباد آهي. ضلعي جيڪب آباد جي تعلقي ٺل واري ديھہ ۾ هيٺيان ڳوٺ آباد آهن: ’بھادرپور‘، ’بخشڻ ٽانوري‘، ’ڏاتار ڏنو مھر‘، ’سنجر حاجاڻو‘، ’حافظ گل محمد گبول‘، ’شاھہ بخش گبول‘، ’نورو گولو‘، ’شنبو بروهي‘ ۽ ’عبدالنبي کوسو‘. ضلعي دادوءَ جي تعلقي خيرپورناٿن شاھہ واري ديھہ ۾ ’بھادرپور‘، ’مٺي چانڊيي‘ ۽ ’ميوي خان چانڊيي‘ نالي ڳوٺ آباد آهن.