بھادر خان علياڻي

بھادر خان علياڻي: هي ڪلهوڙي حاڪم ميان عطر خان جو دوست ۽ بھاولپور رياست جي اولاهين حصي جو سردار هو. ڪلهوڙن جي دؤر ۾ ميان غلام شاھہ ۽ سندس ڀائرن ميان عطر خان ۽ احمد يار خان ۾ اقتدار تان ڪافي لڙائيون ٿيون. ميان عطر شڪست کانپوءِ خان علياڻي'>بھادر خان علياڻي وٽ مدد لاءِ وڃي پھتو. بھادر خان هڪ دفعو پھرين بہ ميان غلام شاھہ سان عطر خان جي حق ۾ امرڪس واھہ، روهڙي وٽ جنگ ڪري چڪو هو پر شڪست کاڌي هئي. وري عطر خان جي هلي اچڻ تي ٻيھر جنگ لاءِ تيار ٿيو هو. بھادر خان کي غلام شاھہ جي حامي ۽ بھاولپور رياست جي حاڪم امير محمد مبارڪ خان ڪافي سمجهايو، پر هي ڪونه مڙيو ۽ هر حال ۾ عطر خان جي مدد جو فيصلو ڪيائين ۽ لشڪر تيار ڪري پنھنجي خاص حامي اختيار خان مدواڻي، ميان عطر خان ۽ ميان احمد يار سان گڏ لڙائيءَ لاءِ سنڌ ڏانھن روانو ٿيو. هوڏانھن ميان غلام شاھہ بہ لشڪر وٺي، اوٻاوڙي پھتو تہ خان علياڻي'>بھادر خان علياڻي لشڪر سميت سندس رستو روڪيو. ٻنھي ڌرين ۾ لڙائي ٿي، ميان غلام شاھہ جو چڱو خاصو لشڪر مارجي ويو. جنگ دوران خان علياڻي'>بھادر خان علياڻي کي باهو نالي هڪ افغان جي نشاندهي تي غلام شاھہ جي لشڪر گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو ۽ سسي وڍي وڃي ميان غلام شاھہ کي پھچائي. بھادر خان جي مارجڻ سان سندس لشڪر ڇڙوڇڙ ٿي ويو. سندس لاش ميان غلام شاھہ پنھنجي ملازم ڪبير خان علياڻي (بھادر خان جي ڀاءُ) جي حوالي ڪيو. بھادر خان جو ٻيو ڀاءُ قائم خان علياڻي ميان عطر خان، ميان احمد يار خان ۽ اختيار خان کي وٺي جنگ جي ميدان مان ڀڄي ويو. هيءَ جنگ ’اوٻاوڙي جي لڙائي‘ جي نالي سان مشھور آهي.


لفظ بھادر خان علياڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو