بهادر شاهه ظفر

بهادر شاهه ظفر

بھادر شاھہ ظفر

بھادر شاھہ ظفر: هندستان جو آخري مغل تاجدار بهادرشاھہ ظفر 24 آڪٽوبر 1775ع تي قلعه معليٰ دهليءَ ۾ پيدا ٿيو . سندس پورو نالو ابوالمظفر سراج الدين محمد بھادر شاھہ غازي هو . ’ظفر ‘ سندس شاعراڻو تخلص هو . هيءُ اڪبر شاھہ ثاني جو فرزند هو . پيءُ جي وفات کان پوءِ 62 سالن جي عمر ۾ 1837ع ڌاري تخت نشين ٿيو . هيءُ اهو زمانو هو ، جڏهن انگريز هندستان ۾ پنهنجا قدم مضبوطيءَ سان ڄمائي رهيا هئا . خود مغل بادشاھہ بہ انگريزن جا پينشن بردار هئا ۽ کين پنھنجي وليعهد نامزد ڪرڻ جو بہ اختيار نہ هو . اُن ڪري ، بهادرشاھہ ظفر بہ جڏهن بادشاھہ بڻيو تہ اُن کي بہ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ طرفان سوا لک رپيا پينشن ملڻ لڳي ۽ سندس اقتدار رڳو لال قلعي جي چؤديواريءَ تائين محدود رهيو . بھادر شاھہ ظفر موسيقيءَ ۽ فنون لطيفہ جو شائق هو . کيس شاعريءَ جو شوق وليعهديءَ واري زماني کان هو . دهليءَ جا مشھور شاعر سندس درٻار سان وابستہ هئا . سندس ڪلام ۾ سلاست ۽ محاورن جي بندش تمام سٺي آهي . هو سٺي شاعر هئڻ سان گڏ ماهر خوش نويس بہ هو . سندس تصنيفن ۾ شاعريءَ جا چار ديوان ۽ ’شرح گلستان سعدي ‘ ۽ هڪ رسالو ’سراج المعرفة ‘ شامل آهن .
1857ع ۾ جڏهن آزاديءَ جي جنگ جي شروعات ٿي تہ بهادرشاھہ ظفر آزادي پسند تحريڪن جو مرڪز بڻجي ويو ۽ انقلابين کيس سڄي هندستان جو بادشاھہ تسليم ڪري ورتو ، پر ڪيترين ئي ڪوتاهين ۽ ڪمزورين جي ڪري ، هيءَ جنگ جلد ئي ناڪام ٿي وئي . جنگ جي خاتمي تي 21 سيپٽمبر 1857ع تي کيس گرفتار ڪري ، 7 آڪٽوبر 1858ع تي رنگون ۾ جلاوطن ڪيو ويو ، جتي هن جلاوطنيءَ جي حالت ۾ 27 نومبر 1862ع تي وفات ڪئي ۽ وطن جي ڌرتيءَ کان دور اُتي ئي دفن ٿيو . سندس غزل جون هيٺيون سٺون ڪيڏيون نہ مٿس صادر اچن ٿيون:
کتنا ہے بدنصیب ظفر ، دفن کے لئے ،
دو گز زمین بھی نہ ملی کوئے یار میں۔


لفظ بھادر شاھہ ظفرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1775.10.24  عيسوي

بهادر شاهه ظفر: هندستان جو آخري مغل تاجدار بهادرشاهه ظفر 24 آڪٽوبر 1775ع تي قلعه معليٰ دهليءَ ۾ پيدا ٿيو


1837.00.00  عيسوي

بهادر شاهه ظفر: هيءُ اڪبر شاهه ثاني جو فرزند هو . پيءُ جي وفات کان پوءِ 62 سالن جي عمر ۾ 1837ع ڌاري تخت نشين ٿيو . هيءُ اهو زمانو هو ، جڏهن انگريز هندستان ۾ پ


1857.00.00  عيسوي

ع ۾ جڏهن آزاديءَ جي جنگ جي شروعات ٿي ته بهادرشاهه ظفر آزادي پسند تحريڪن جو مرڪز بڻجي ويو ۽ انقلابين کيس سڄي هندستان جو بادشاهه تسليم ڪري ورتو


1862.11.27  عيسوي

بهادر شاهه ظفر: جنگ جي خاتمي تي 21 سيپٽمبر 1857ع تي کيس گرفتار ڪري ، 7 آڪٽوبر 1858ع تي رنگون ۾ جلاوطن ڪيو ويو ، جتي هن جلاوطنيءَ جي حالت ۾ 27 نومبر 1862ع تي وفات ڪئي ۽ وطن جي ڌرتيءَ کان دور اُتي ئي دفن ٿيو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پيرل شاھہ بخاري
جتوئي آصف مصطفيٰ
ٻلديو گرمکسنگهہ گهنشاڻي
ڀٽي سليم اختر
سوامي ڌرمداس
محمد اڪرم سمو
پنڊت ڀڄن سوپاري
قاسم رضا پيرزادہ
شالم عاشر زيويئر
بيرنگ بادشاھہ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون