بھادر فقير لغاري: بزرگ ۽ شاعر بھادر فقير لغاري 1897ع ڌاري ڳوٺ ڪامل لغاري تعلقي شھدادپور ۾ فقير سانوڻ خان لغاريءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. هن سنڌي فائينل تائين تعليم حاصل ڪئي هئي، کيس سنڌي، اردو، فارسي ۽ انگريزي جي چڱي ڄاڻ هئس. فائينل پاس ڪرڻ کانپوءِ ڪجهہ عرصي تائين مختلف نوڪريون ڪيائين، پر هن کي ڪنهن بہ نوڪريءَ ۾ کيس مزو نہ آيو. ريلوي جي نوڪري بہ ڇڏي ڏنائين ۽ ﷲ جي ياد ۾ وقت گذارڻ لڳو. هن پير سيد شاھہ مردان شاھہ اول ڪوٽ ڌڻيءَ جي هٿ تي بيعت ڪري ذڪر ورتو هو ۽ شھدادپور کان 8 ڪلوميٽر اتر طرف ريلوي لائين جي الهندي پاسي ڀٽ تي رهي رياضتون ڪيائين ۽ چلا ڪاٽيائين. پاڻ راڳ ڳائيندو ۽ شاعري بہ ڪندو هو. ڪيتروئي ڪلام لکيو هئائين پر ڪنهن کي بہ اتارڻ نہ ڏنائين. ڪلام چوڻ وقت مٿس ڪيفيت طاري ٿي ويندي هئي. هن 23 سالن جي ڄمار ۾ فقيري اختيار ڪئي ۽ 34 سالن جي ڄمار ۾ 30 جنوري 1931ع تي وفات ڪئي. سندس قبر تي خوبصورت روضو اڏيل آهي، جتي هر اسلامي مهيني جي يارهين تاريخ تي صوفياڻي راڳ جي محفل ٿيندي آهي ۽ هر جمعي تي لنگر پڻ ٿيندو آهي. جڏهن تہ سندس عرس هر سال يارهين ۽ ٻارهين رمضان تي ٿيندو آهي، جنهن ۾ صوفياڻي راڳ جي وڏي محفل پڻ ٿيندي آهي ۽ سڄي سنڌ مان صوفي راڳيءَ شريڪ ٿيندا آهن. سندس درگاھہ جو هن وقت گادي نشين فقير شير محمد لغاري آهي.
1931.01.30 عيسوي
شاعر بهادر فقير لغاري 1897ع ڌاري ڳوٺ ڪامل لغاري تعلقي شهدادپور ۾ فقير سانوڻ خان لغاريءَ جي گهر ۾ جنم ورتو.32 سالن جي ڄمار ۾ 30 جنوري 1931ع تي وفات ڪئي.