بهادر ٽالپر

بهادر ٽالپر

بھادر ٽالپر

بھادر ٽالپر: شاعر ۽ اديب مير بھادر ٽالپر، 2 جولاءِ 1966ع تي ڳوٺ ڇتو ماندراڻي، تعلقي ماتلي، ضلعي بدين ۾ ڄائو. سندس والد مبارڪ خان ٽالپر بہ وقت جو سٺو شاعر هو. مير بھادر ابتدائي تعليم ڳوٺ مان ورتي، ڊگهڙي هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ، انٽر ۽ ايم. اي ماتليءَ جي ڊگري ڪاليج مان پاس ڪيائين. هن اسڪائوٽنگ ۽ ٽائپنگ جو ڪورس بہ ڪيو. هن 1994ع کان لکڻ جو آغاز ڪيو ۽ مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ لکندو رهيو آهي. هن ڳوٺ ۾سنڌي ادبي سنگت جي شاخ قائم ڪئي، جنهن جو ڪيترا ڀيرا سيڪريٽري بہ رهي چڪو آهي. 2010ع وارين چونڊن ۾ هيءُ سنڌي ادبي سنگت ضلعي بدين جو رابطا سيڪريٽري بہ چونڊيو ويو. پيشي جي لحاظ کان استاد آهي. هن ڳوٺ ۾ نوجوانن لاءِ ’مير مبارڪ ٽالپر آرٽ ۽ ڪلچرل ڪلب‘ قائم ڪيو آهي. ادبي سنگت جي شاخ طرفان هن سلسليوار ’ڪائنات‘ پبليڪيشن جا 13 پرچا شايع ڪرايا. سندس ڪهاڻين جا مجموعا ’زندگيءَ جو رستو‘ (2008ع) ۽ ’سوچن جي سانوڻيءَ ۾‘ (2015ع) شايع ٿيل آهن. ان کانسواءِ پنھنجي والد مير مبارڪ ٽالپر جو شعري مجموعو ’سرواڻ سويري ويا‘ ترتيب ڏنو اٿس.


لفظ بھادر ٽالپرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1966.07.02  عيسوي

شاعر ۽ اديب مير بهادر ٽالپر، 2 جولاءِ 1966ع تي ڳوٺ ڇتو ماندراڻي، ضلعي بدين ۾ ڄائو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سمرسيٽ ماهم
ارباب نيڪ محمد
دوارڪا پرساد روچيرام شرما
چنا سليم
گوبند پنجابي
احمد سلطان کوسو
جميلا هاشمي 1
چندو لال جئسنگهاڻي
عبدالقدير ڪاڃون
احسانه ڊار
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون