بھاري لال

بھاري لال: بھاري لال هندي شاعريءَ ۾ شرنگار رس (سينگار رس) جو اهم ترين شاعر آهي، هن صنف جي سلسلي ۾ ڪرپا رام پهريائين ان ڏس ۾ قدم وڌايو، مگر هن ميدان جو شهسوار بھاري لال ثابت ٿيو. بھاري لال پٽ ڪيشو راءِ سنبت 1660/1603ع ۾ گوبند پور ضلعي گواليار ۾ ڄائو، ۽ سنبت 1720ھہ/1664ع ۾ گذاري ويو. جيپور جي راجا جئسنگ کيس جيپور ۾ گهرائيءَ پنھنجي درٻار جي خاص شاعرن جي صف ۾ جڳھہ ڏني، ۽ جڏهين بھاري لال پنھنجي مشھور شاعرانه شاهڪار ”ست سئي“ کي پورو ڪيو، تہ راجا جئسنگ کيس ست سؤ اشرفيون انعام ڏنيون. بھاري لال جو عاشقانه ڪلام هندي شاعريءَ ۾ اُتم مڃيو ويو آهي، ۽ ”سنگار رس“ ۾ سندس درجو مڙني شاعرن ۾ مٿانهون تسليم ڪيو ويو آهي.


لفظ بھاري لالھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو