بهارِ اخلاق (ڪتاب ):بهارِ اخلاق رسالو 1906ع ۾ علامہ اسدالله شاھہ ”فدا“ ٽکڙ مان جاري ڪيو. هن رسالي جو ايڊيٽر محمد هاشم ”مخلص“ هو. بهارِ اخلاق ۾ ان وقت جا مشھور اديب ۽ ناميارا شاعر پنهنجا پنهنجا مضمون ۽ شاعر غزل شايع ڪرائيندا هئا. هيءُ رسالو ماهوار شايع ٿيندو هو.