بهار عشق

بهار عشق

بھار عشق

بھار عشق (ڪتاب): هيءُ ڪتاب نامور شاعر شمس الدين ‘بلبل’ جي خطن ۽ شاعريءَ تي مشتمل آهي. هن ڪتاب جو ديباچو ليکڪ جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ ڪل ڏھہ خط ڏنل آهن. جن سان گڏ بيت بہ شامل آهن. هيءُ ڪتاب هريسنگهہ پينشنر ڪتبخانه سکر نئون، 1912ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو. 66 صفحن تي مشتمل ڪرائون سائيز جي هن ڪتاب جو هيءُ ٻيو ڇاپو آهي، جنهن جي قيمت ڄاڻايل نہ آهي. هي ڪتاب انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جي لائبرريءَ ۾ محفوظ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو