بھار علي بھار

بھار علي ”بھار“: جيڪب آباد جو مشھور سگهڙ بھار علي ”بھار“ ٻرڙو ولد وزيراحمد ٻرڙو، 3 فيبروري 1965ع تي ڳوٺ ميرپور ٻُرڙي، تعلقي ٺل ۾ ڄائو. زميندار گهراڻي سان سندس تعلق آهي. مئٽرڪ تائين تعليم ورتائين. سندس تخلص ”بھار“ آهي. سُگهڙپائيءَ جي سڀني صنفن ۾ مهارت اٿس. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ڪتاب ”سينگار شاعريءَ“ ۾ سندس شاعري ۽ ذڪر شامل آهي. سنڌ سگهڙ سالڪ ويلفيئر ائسوسيئيشن جو مرڪزي صدر پڻ رهيو آهي. سنڌ جي ڪيترن ئي رسالن ۾ سندس ڪلام ڇپجندو رهي ٿو. هارس ائنڊ ڪئٽل شو جيڪب آباد جي موقعي تي سگهڙپائيءَ جي خدمت عيوض کيس مڃتا جو سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1965.02.03  عيسوي

بهار علي ” بهار “ : جيڪب آباد جو مشهور سگهڙ بهار علي ” بهار “ ٻرڙو ولد وزيراحمد ٻرڙو ، 3 فيبروري 1965ع تي ڳوٺ ميرپور ٻُرڙي ، تعلقي ٺل ۾ ڄائو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ابراهيم کرل
ڊاڪٽر ريمنڊ آلچن
خان محمد بروهي 1
فضل الرحمٰن ميمڻ
رسول بخش خان گبول
صادق خان
عبدالقدير خان ڊاڪٽر
ڪلپنا چاولا
ابن خردازبه 2
ٻڍو فقير وگهامل
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون