بھار علي بھار

بھار علي ”بھار“: جيڪب آباد جو مشھور سگهڙ بھار علي ”بھار“ ٻرڙو ولد وزيراحمد ٻرڙو، 3 فيبروري 1965ع تي ڳوٺ ميرپور ٻُرڙي، تعلقي ٺل ۾ ڄائو. زميندار گهراڻي سان سندس تعلق آهي. مئٽرڪ تائين تعليم ورتائين. سندس تخلص ”بھار“ آهي. سُگهڙپائيءَ جي سڀني صنفن ۾ مهارت اٿس. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ڪتاب ”سينگار شاعريءَ“ ۾ سندس شاعري ۽ ذڪر شامل آهي. سنڌ سگهڙ سالڪ ويلفيئر ائسوسيئيشن جو مرڪزي صدر پڻ رهيو آهي. سنڌ جي ڪيترن ئي رسالن ۾ سندس ڪلام ڇپجندو رهي ٿو. هارس ائنڊ ڪئٽل شو جيڪب آباد جي موقعي تي سگهڙپائيءَ جي خدمت عيوض کيس مڃتا جو سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1965.02.03  عيسوي

بهار علي ” بهار “ : جيڪب آباد جو مشهور سگهڙ بهار علي ” بهار “ ٻرڙو ولد وزيراحمد ٻرڙو ، 3 فيبروري 1965ع تي ڳوٺ ميرپور ٻُرڙي ، تعلقي ٺل ۾ ڄائو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

غزنوي سلطان محمود
ڪلپنا اشوڪ چيلاڻي ڊاڪٽر
پوراني ميرڪ سيد عبدالباقي
پير نور شاھہ هاشمي
سنگيتا بجلاڻي
حنيف رامي
سيد مٺن شاھہ
مولانا محمد علي سنڌي
الھوسايو شيدي
فقير يار محمد پيرزادو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون