بَهار ٻَپڙ: ٻارهين صدي هجريءَ جي وچ ڌاري پنھنجي دور جو مشھور عوامي شاعر هو. 257 سنڌي بيتن ۾ ”سيف الملوڪ“ جو قصو جوڙيائين. 1152- 1150ھہ دؤران ميان غلام شاھہ جي دور ۾ بَهار ٻپڙ جيئرو هو، جنهن جو اهڃاڻ سرائڪيءَ ۾ سندس ڇپيل هڪ بيت جي باقي بچيل هيٺينءَ سٽ سان ملي ٿو.
”جو گُلان وچون گُل پيدا ٿيا، ڪجهہ کُليَا هي ڪجهہ کُلسي“
(گلان منجهان گل پيدا ٿيو، جيڪو ڪجهہ کُليو آهي ۽ اڃا ڪجهہ وڌيڪ کُلندو). بھار ٻپڙ جي مٿئين شعر مان ظاهر آهي تہ هن شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو اثر قبوليو هو ۽ ممڪن آهي تہ هو شاھہ صاحب جو ننڍو معاصر هجي.