بھار2

بَهارُ2: هڪ راڳ جو نالو پڻ ”بھار“ آهي. هيءُ ڪافي ٺاٺ جو کاڍو راڳ آهي، جيڪو امير خسروءَ ڏانهن منسوب آهي. اِن جي آروهيءَ ۾ رکب نٿو لڳي ۽ امروهيءَ ۾ ڌيوت ڇڏي ڏيندا آهن. اِن جو وادي سر کرج آهي ۽ مڌم سُر سموادي. منجهس ڌيوت ۽ مڌم جي سنگت رهندي آهي. ان راڳ جو مزاج اهڙو لچڪدار آهي، جو ان کي ٻين راڳن سان ملائي ’بھار‘ جون ڪيتريون ئي شڪليون ٺاهيون ويون آهن. جيئن تہ مالڪوس بهار، ڀاڳيشري بھار وغيرہ. ”بھارراڳ بسنت رُت ۾ ڳائبو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو