
بهاولپور جي هڪ عمارت

بهاولپور جي هڪ عمارت
بَهاوَلپُور: پنجاب صوبي جي اڳوڻي اڪيلي رياست، جنهن جون سرحدون ستلج درياءَ، پنجند ۽ سنڌ سان گڏيل آهن. هن جي اڀرندي ۾ بيڪانير ۽ جيسلمير جون اڳوڻيون رياستون آهن. بھاولپور تي عباسي خاندان گهڻي وقت تائين حڪمران رهيو. سنڌ تي ڪلهوڙن جو هڪ گهراڻو 1782ع تائين حڪمران رهيو. عباسي خاندان انهيءَ گهراڻي جي هڪڙي شاخ هئي، اها شاخ بھاولپور جي حڪمران هئي. سال 1955ع ۾ سر صادق محمد خان عباسي مرحوم جي رضامنديءَ سان بھاولپور رياست مغربي پاڪستان سان شامل ڪئي وئي ۽ حڪمرانن جا سڀ اعزاز بحال رهيا، سندن حڪومت واري زماني ۾ رياست ۾ نهرن جو ڄار وڇايو ويو، جنهن ڪري زرعي ايراضيءَ ۾ گهڻو واڌارو آيو ۽ آبادي وڌي وئي. ڪڻڪ، چانور، ٻاجهري، ڪمند ۽ ڪپھہ، رياست جي زرعي آباديءَ جون خاص جنسون هيون. صنعتن ۾ ڪپڙو، ڪپھہ ٽاڻڻ، چانورن جي ڇَڙ، تيل ۽ صابڻ سازي وغيرہ ۽ دستڪاريءَ ۾ ٿانوَ، ڀرت جو ڪم، مٽيءَ جا ٿانوَ، ميون ۾ کجور ۽ انب خاص طرح قابل ذڪر آهن.
شھر بھاولپور پنجاب جي سابق رياست بھاولپور جو مرڪزي شھر آهي. اڳي هن جُوءِ کي ”جهوڪ رانجهن“ جي نالي سان سڏيندا هئا؛ پر پوءِ پهرئين نواب بھاول خان عباسيءَ هيءَ زمين خريد ڪري، هتي نئون شھر اڏايو. اهڙيءَ طرح هن شھر جو بنياد 1161ھہ/ 1748ع ۾ رکيو ويو. هن ايراضيءَ ۾ واري تمام گهڻي هئي، تنهنڪري ماڻهو هتي رهڻ پسند نہ ڪندا هئا، پر نواب بھاول خان هر حالت ۾ هن شھر کي آباد ڪرڻ جو ارادو ڪيو هو. هن پهريائين بازار اڏائي ۽ بازار جي ٻنهي پاسن دڪان اڏائي سِرُن سان بند ڪرائي ڇڏيا، انهيءَ لاءِ تہ جيڪي ماڻهو آباد ٿيڻ لاءِ اچن، تن کي دڪان کولائي ڏجن، جيئن کين ٺهيل گهر ۽ دڪان ملي وڃن. 1223ھہ/ 1808ع ۾ انگريز سياح هن شھر بابت لکيو تہ ”شھر بھاولپور چئن پنجن ميلن جي گهيري ۾ آباد آهي. پڪ سريون جايون اٿس. آسپاس انبن ۽ ميوات جا 35 باغ اٿس“. 1827ع ۾ ٻيو هڪ سياح آيو، تنهن لکيو تہ ”بھاولپور شھر گهاگهرا (ستلج) درياھہ کان ٻن ميلن جي مفاصلي تي آهي. شھر ٽن چورس ميلن ۾ گهيريل آهي، جنهن جا ست دروازا آهن: (1) شڪارپوري دروازو، (2) بُوهڙ دروازو، (3) ملتاني دروازو، (4) بيڪانيري دروازو، (5) احمد پوري دروازو ۽ (6) ڊيراوري دروازو ۽ (7) موري دروازو. اهي دروازا پڪا ٺهيل آهن. البت بيڪانيري دروازو ڪجهہ ڪچو ٺهيل آهي. اٺون دروازو پڻ هاڻي ٺاهيو ويو آهي، جنهن جو نالو ”فريد گيٽ“ رکيو ويو آهي. بھاولپور شھر جي بازارن مان مشھور قديم بازارون آهن: فتح خان بازار، مڇي بازار، گري گنج بازار، صادق گنج بازار، احمد پوري بازار، ڀانڀڻان بازار، جنهن جو نئون نالو شاهي بازار رکيو ويو آهي. قديم شھر جي چؤنڪ ۾ مرڪزي هنڌ تي امير خان عباسي'>بھاول خان عباسي ٻئي، 1191ھہ/ 1777ع ۾، جامع مسجد اڏائي، جيڪا سڀني مسجدن ۾ پراڻي آهي، جنهن کي نواب صادق محمد خان عباسي ڇهين، نئين سر تعمير ڪرايو ۽ ان جو نالو ’جامع الصادق‘ رکيو ويو. قديم شھر ۾ ڳوڌي مل جي سراءِ، لال جي سراءِ ۽ مسافرخانو 1875ع ۾ ٺهيا. ميونسپل ڪميٽيءَ جي آفيس 1874ع ۾ ۽ ستلج درياھہ تي ريلوي پل 1878ع ۾ ٺھي تيار ٿي. هيءُ شھر ستلج جي کاٻي ڪناري تي پشاور ڪراچي ريلوي لائين تي واقع آهي. اڄڪلھہ بھاولپور شھر ڪافي ترقي ڪري ويو آهي. ماڊل ٽائون، سيٽلائيٽ ٽائون ۽ ڪيتريون ئي نيون ڪالونيون تعمير ٿي ويون اٿس. ’نورمحل‘، ’گلزار محل‘ ۽ ’دولت خانہ‘ هتي جون قديم عمارتون آهن. ريلوي اسٽيشن، يونيورسٽي، تعليمي بورڊ، ميڊيڪل ڪاليج، صادق پبلڪ اسڪول، ميوزيم، جانورن جو باغ، اسٽئڊيم ۽ ريڊيو اسٽيشن جو وجود شھر ۾ ترقيءَ جي شاهراھہ جو ثبوت آهن. ان کان سواءِ هتي ڪيتريون ئي اخبارون، رسالا، علمي ادبي انجمنون ادب جي ميدان ۾ سرگرم آهن. بھاول پور شھر ستلج درياھہ جي ڪپ تي مين لائين تي لاهور کان 271 ميل ۽ ملتان کان 60 ميلن جي مفاصلي تي آهي. شھر جي آبادي پنجن لکن جي لڳ ڀڳ آهي. 1748ع ۾ نواب بھاول خان عباسيءَ هن شھر جو بنياد رکيو ۽ شھر جي چوڌاري ڪوٽ ڏياريو. هن ڊويزن ۾ ٽي ضلعا ’بھاولپور‘، ’بھاول نگر‘ ۽ ’رحيم يارخان‘ آهن. ضلعو بھاولپور ٽن تعلقن ’احمدپور شرقيه‘، ’بھاولپور‘ ۽ ’حاصل پور‘ تعلقن تي مشتمل آهي.
1782.00.00 عيسوي
سنڌ تي ڪلهوڙن جو هڪ گهراڻو 1782ع تائين حڪمران رهيو . عباسي خاندان انهيءَ گهراڻي جي هڪڙي شاخ هئي ،
1955.00.00 عيسوي
1955ع ۾ سر صادق محمد خان عباسي مرحوم جي رضامنديءَ سان بهاولپور رياست مغربي پاڪستان سان شامل ڪئي وئي ۽ حڪمرانن جا سڀ اعزاز بحال رهيا ،
1748.00.00 عيسوي
شهر بهاولپور پنجاب جي سابق رياست بهاولپور جو مرڪزي شهر آهي . اڳي هن جُوءِ کي ” جهوڪ رانجهن “ جي نالي سان سڏيندا هئا ؛ پر پوءِ پهرئين نواب بهاول خان عباسيءَ هيءَ زمين خريد ڪري ، هتي نئون شهر اڏايو . اهڙيءَ طرح هن شهر جو بنياد 1161هه/ 1748ع ۾ رکيو ويو .
1161.00.00 هجري
شهر بهاولپور پنجاب جي سابق رياست بهاولپور جو مرڪزي شهر آهي . اڳي هن جُوءِ کي ” جهوڪ رانجهن “ جي نالي سان سڏيندا هئا ؛ پر پوءِ پهرئين نواب بهاول خان عباسيءَ هيءَ زمين خريد ڪري ، هتي نئون شهر اڏايو . اهڙيءَ طرح هن شهر جو بنياد 1161هه/ 1748ع ۾ رکيو ويو .