بھاولپور جي نوابن ۽ ٽالپر اميرن جون جنگيون: پهرين رجب 1224ھہ/ 1809ع تي نواب محمد بھاول خان، واليءِ بھاولپور انتقال ڪيو ۽ نواب صادق محمد خان ثاني تخت نشين ٿيو. محمد بھاول خان جي زماني ۾ ٽالپر حڪومت ۽ بھاولپور جا تعلقات نهايت مستحڪم ۽ خوشگوار هئا. انهيءَ حد تائين جو ڏکئي وقت ۾ هڪٻئي سان هميشہ همدردي ڪندا رهندا هئا. تيمور بادشاھہ جڏهن ملا خان کي بھاولپور جي ڦرلٽ لاءِ موڪليو، ان وقت مير فتح علي خان فوراً نواب ڏي همدردانه خط لکيو ۽ مدد جي آڇ ڪئي. نواب صاحب، ميرصاحب ڏانهن شڪريي جو خط لکي موڪليو. نواب صادق محمد خان جي دؤر ۾ اوچتو سندن لاڳاپن ۾ ڪشيدگي پيدا ٿي پئي. مرزا قليچ بيگ لکيو آهي تہ اُچ جي هڪ آبرودار سيد ذوالفقار شاھہ کي نواب صادق محمد خان تڪليف پهچائي، جنهنڪري هو اتان ڀڄي ميرن وٽ آيو. ميرن سفارشي خط نواب ڏانهن موڪليو، پر خط جو ڪوبه اثر ڪونه ٿيو ۽ الٽو سيد کي وڌيڪ تڪليف ڏني وئي. ٽالپرن ڪاوڙ مان محمد طاهر خدمتگار کي لشڪر ڏيئي بھاولپور موڪليو، جنهن رياست جا ڪيترا ڳوٺ وڃي هٿ ڪيا. نواب مجبور ٿي ساڻس صلح ڪيو ۽ سيد کي بہ سندس جاگيرون واپس ڏيئي راضي ڪيو ۽ ٽالپرن ڏانهن پنهنجو پٽ رحيم يار خان بطور يرغمال موڪلي ڏنائين ۽ سبزل ڪوٽ جو قلعو بہ جنگ جي تاوان ۾ ڏنائين. ٻيءَ جنگ جا اسباب ”صادق التواريخ“ ۾ هيٺينءَ ريت درج آهي:
شھزادو رحيم يارخان 22 محرم 1225ھہ/ 1810ع ۾ سنڌ مان موڪلائي، پنھنجي رياست ۾ وڃي پهتو. بھاولپور جي سرحدي محافظن، ڪجهہ عرصي بعد، مير سهراب خان سان مخفي طرح تعلق پيدا ڪيو. پنھنجي نواب سان هنن جي شڪر رنجي ٿي. ميرصاحب کي هنن آڇ ڪئي تہ جيڪڏهن هو کين معقول صلو ڏيندو تہ هو بھاولپور جي سرحدي علائقن تي سندس قبضو ڪرائي ڇڏيندا. نصير خان گورگيج جيڪو رياست جو نہ فقط وزير اعليٰ ۽ سپھہ سالار هو، بلڪ نواب جو بہ لاڏلو امير هو، سو بہ نواب کان ناخوش ٿي پيو. هن بہ صالح افغان ذريعي مير سهراب خان ڏانهن خفيہ خط موڪليو، جنهن ۾ بھاولپور تي حملي ڪرڻ جي آڇ ڪيل هئي. مير گورگيج هڪ طرف مير صاحب ڏانهن خط لکيو. ٻئي طرف پنھنجي رازدار دوستن جھڙوڪ فتح محمد غوري، احمد خان افغان، غلام قادر ۽ ڌماد سنگهہ کي، جيڪي رياست ۾ وڏن وڏن عهدن تي هئا، گهرائي کين سمجهايو تہ جڏهن ٽالپرن جو لشڪر سرحد تي پهچي، ان وقت هو پاڻ تہ ٻار ٻچا وٺي فوراً سنڌ ڏانهن هليو ويندو، پٺيان اهي امير، ملڪ ۾ انتشار پيدا ڪري، نواب کي تخت تان لاهي، صاحبزادي رحيم يار خان کي مسند نشين ڪري ڇڏين. ٽالپرن اهڙي موقعي کي غنيمت ڄاڻي، پنهنجو لشڪر موڪلي ڏنو. مير مبارڪ ۽ سيد گولو شاھہ خيرپوري، لشڪر جا مهندار هئا ۽ نواب ولي محمد خان ۽ مير هالو خان ٽالپر حيدرآبادي لشڪر جا سردار هئا. ٻئي لشڪر پيشقدمي ڪندي صادق آباد تائين پهچي ويا. نصير خان طرفان رياستي لشڪر کي حڪم مليل هو تہ هو ڪٿي بہ ٽالپري لشڪر سان مزاحمت نہ ڪري، جنهنڪري نهايت آرام ۽ اطمينان سان سنڌ جي لشڪر صادق آباد تائين قبضو ڪري ورتو.
نواب صاحب، فتح محمد غوري ۽ محمد يعقوب بخشيءَ کي فوج ڏيئي مقابلي لاءِ موڪليو. مير گورگيج جي سازش کان نواب قدري واقف ٿي چڪو هو، جنهنڪري هن کي پاڻ وٽ روڪي ويهاري ڇڏيائين. نواب نيڪدل هو، سو گورگيج هيٺانهيون مٿانهيون ڏيکاري آخر موڪل ورتي ۽ درٻار مان نڪري اچي لشڪر سان مليو ۽ پنھنجي ڀاءُ گل محمد کي ٽالپري لشڪر ۾ موڪلي کين چورايائين تہ هو ٻيڙين جي ذريعي مٿان مٿان احمد پور شرقيه پهچي وڃن، تنهن تي ميرن پنھنجي خيرانديش جي مشوري مطابق احمد پور جو رُخ رکيو. فتح محمد غوري نواب جو لشڪر وٺي احمد پور روانو ٿيو. نواب جڏهن احمد پور ڏانهن دشمن جي اچڻ جي خبر ٻڌي، تڏهن پاڻ وڃي دراوڙ جي قلعي ۾ ويهي رهيو. نصير خان ٽالپري لشڪر ڏانهن نياپو موڪليو تہ ميدان صاف آهي، تنهنڪري بنا هٻڪ جي اُچ کان ٿيندا، رضامحمد موساڻ جي ڳوٺ ۾ پهچي وڃو. انهيءَ ڪري ميرن جي لشڪر اتي پهچي، مورچي بندي شروع ڪري ڏني. نصير خان، ڏيکاءُ خاطر، لڙائي جي تياري ڪئي ۽ ٽن ڏينهن تائين معمولي طرح مقابلو بہ ڪندو رهيو، ليڪن اندر ئي اندر هن هر طرح ٽالپري لشڪر کي تقويت پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي. تان جو مير مبارڪ جا دستا مشرقي علائقي ۾ قائم پور تائين پهچي ويا. انهيءَ موقعي تي نصير خان ٻارن ٻچن کي سنڌ موڪلي ڇڏيو ۽ پاڻ بہ ڀڄڻ جي موقعي جو منتظر رهيو. جڏهن ٽالپري لشڪر جو گهڻي ڀاڱي رياست تي قبضو ٿي ويو، تڏهن نواب ششدر ٿيو. نصير خان گورگيج ڏانهن نياپو موڪليائين تہ هاڻي سواءِ پيش پوڻ، آڻ مڃڻ ۽ صلح صفائي ڪرڻ جي ٻيو ڪو چارو ڪونه آهي. صلح جي حالت ۾ وري بہ صاحبزادي رحيم يار خان کي تاوان ۾ ڏيڻو پوندو. 12 محرم 1226ھہ/ 1811ع ۾ صاحبزادو رحيم يارخان بہ ٻيهر سنڌ ڏانهن بطور يرغمالي، بھاولپور مان روانو ٿيو. مولوي شيرعلي ۽ مير حافظ گل محمد پرجان بہ ساڻس گڏ آيا.
مير مائل جي قطعي مان معلوم ٿئي ٿو تہ ٻن قلعن سان گڏ تاوان، جنگ جي خرچ جي صورت ۾ بہ ادا ڪيو ۽ ڪلام پاڪ وچ ۾ ڏيئي بھاولپور وارن آئيندي لاءِ پنھنجي روش متعلق اطمينان ڏياريو.
1224.07.01 عيسوي
بهاولپور جي نوابن ۽ ٽالپر اميرن جون جنگيون: پهرين رجب 1224هه/ 1809ع تي نواب محمد بهاول خان ، واليءِ بهاولپور انتقال ڪيو ۽ نواب صادق محمد خان ثاني تخت نشين ٿيو .
1809.00.00 عيسوي
بهاولپور جي نوابن ۽ ٽالپر اميرن جون جنگيون: پهرين رجب 1224هه/ 1809ع تي نواب محمد بهاول خان ، واليءِ بهاولپور انتقال ڪيو ۽ نواب صادق محمد خان ثاني تخت نشين ٿيو .