بھاول خان اُنڙ: خان انڙ'>بھاول خان انڙ، لاڙڪاڻي ضلعي جي اهم سماجي شخصيت هئي. سندس والد جو نالو محمد عالم انڙ هو، جيڪو بنيادي طور زمينداري پيشي سان لاڳاپيل هو. بھاول خان تاريخ 10 آگسٽ 1939ع تي پيدا ٿيو. تعلقي ڏوڪريءَ جي ڳوٺ ”پراڻي آباد“ ۾ ابتدائي تعليم پوري ڪيائين. جلد ئي پوءِ لاڙڪاڻي ۾ باضابطه طور تي لڏي آيو ۽ اتي بي. اي ۽ ايل. ايل. بي جون ڊگريون ورتائين. خدمت خلق جو جذبو هئس؛ انهيءَ ڪري پنھنجي زمينداري مشغلي سان گڏ، سماج سڌارڪ طور پاڻ کي رڌل رکيائين. سال 1983ع ۾ ”سماٽ تنظيم“ جو بنياد وڌائين. سندس خيال هو تہ ”سنڌ ڌرتي، اصل سنڌين جي ملڪيت آهي ۽ اهي ئي هن زمين جا حقيقي وارث آهن“. انڙ خاندان جي هن فرد، تنظيم جي حوالي سان، سنڌين ۾ ثقافتي ۽ سماجي شعور جاڳايو. انهيءَ لحاظ کان سنڌ ۾ بار بار گشت ڪري، ڪافي ڪاميابي بہ ماڻيائين. نتيجي ۾ ”سماٽ تنظيم“ بلڪل غير سياسي پليٽفارم تان مثالي مڃتا ماڻي. هن ٺٽي ۽ ڪينجهر ڪناري تي انهيءَ سلسلي ۾ سيمينار بہ ڪرايا. هن پنھنجي انهيءَ اٽل ارادي کي مستحڪم ۽ مستقيم رکي، هڙان ۽ وڙان وڏا خرچ ڪيا. سندس ڏينهن رات جي لوچ ۽ لوڙ، آخر کيس نِستو بڻائي ڇڏيو ۽ 26 جنوري 1998ع تي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال ۾ وفات ڪري ويو.
1939.08.10 عيسوي
بهاول خان تاريخ 10 آگسٽ 1939ع تي پيدا ٿيو
1998.01.26 عيسوي
بهاول خان انڙ: سندس ڏينهن رات جي لوچ ۽ لوڙ ، آخر کيس نِستو بڻائي ڇڏيو ۽ 26 جنوري 1998ع تي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال ۾ وفات ڪري ويو .