بھاول خان عباسي: هيءُ نواب صادق محمد خان عباسيءَ جو پٽ هو. پنھنجي پيءُ جي شهادت کان پوءِ گاديءَ تي ويٺو. سال 1159- 1163ھہ/ 1746- 1749ع سندس حڪومت جو عرصو رهيو. سندس گاديءَ تي ويهڻ شرط جيسلمير جي راجا کانئس قلعو دراوڙ واپس وٺي ڇڏيو، جنهنڪري پاڻ موجودہ بھاولپور شھر جو بنياد رکيائين، جيڪو پوءِ رياست بھاولپور جو مرڪزي شھر ۽ گاديءَ جو هنڌ بنيو. نواب بھاول خان پنھنجي رياست کي سرسبز ۽ شاداب بنائڻ لاءِ بھاول واھہ (1162ھہ/ 1748ع)، قائم واھہ، قطب واھہ، خان واھہ وغيرہ کوٽايا ۽ پنھنجي رياست کي آباد ڪيائين. انهيءَ دوران ڪئين شهر، جيئن تہ حاصل پور، قائم پور، شھباز پور، احمد پور ليه، ٽنڊو علي مراد خان وغيرہ اڏايا. اُچ شريف جي سجادہ نشين مخدوم حامد گنج بخش گيلانيءَ جي سفارش سان نواب حيات ﷲ خان، اُچ ۽ ملتان جي حاڪم 1728ع ۾ موجودہ الھہ آباد وارو علائقو نواب بھاول خان کي بطور جاگير عطا ڪيو. ان کان پوءِ 1143ھہ/ 1730ع ۾ شھر فريد جو علائقو بہ نواب بھاول خان کي عطا ڪيو.