بھاول خان عباسي2: هن نالي سان هي ٻيو نواب خان عباسي'>بھاول خان عباسي آهي، جنهن نواب مبارڪ خان کان پوءِ 1224-1186ھہ/ 1809- 1772ع تائين بھاولپور رياست تي حڪمراني ڪئي. هن نواب جي زماني ۾ برصغير هندستان ۾ سياسي بدنظميءَ جو دور هو. پنجاب ۾ سِکن جي شورش هئي تہ رياست ۾ بھاولپور جي واليءَ خلاف افغانستان وارن کي ڀڙڪايو پئي ويو. آخر 1193ھہ/ 1779ع ۾ افغانستان، بھاولپور تي حملو ڪري، دراوڙ جو قلعو فتح ڪري ورتو. بعد ۾ صلح ٿيو ۽ تيمور شاھہ، مبارڪ خان کي يرغمال طور وٺي ويو. ان کان پوءِ نواب صاحب ڪيترائي غير علائقا فتح ڪري پنھنجي قبضي ۾ آڻي ڇڏيا. پنھنجي رياست کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ”ونجهڙوٽ“ جي قلعي جي مرمت ڪرائي، 1198ھہ/ 1784ع ۾ ڏاکڻي پاسي واري قلعي خانڳڙھہ کي تعمير ڪرايو ۽ اُچ جي مخدوم حامد گنج بخش کان قلعو ”ٺٽي داران“ بہ کسي ورتو.
سال 1200ھہ/ 1785ع ۾ تيمور شاھہ جي سردار، سنڌ ڏانهن ويندي ويندي بھاولپور شھر کي ظلم جو نشانو بنايو ۽ سڄو شھر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو. ان بعد نواب صاحب حالتن جو جائزو وٺي، دائودپوٽن سان ٺاھہ ڪري آسپاس جي ٻين حاڪمن کان آهستي آهستي علائقا فتح ڪرڻ شروع ڪيا. مثال طور: سيت پور جي مخدومن کان سيت پور، خيرپور، علي پور ۽ سلطان شھر کسي ورتا؛ دراوڙ جو قلعو بہ کسي ورتو ۽ احمدپور شرقيه کي بہ پنھنجي رياست ۾ ملائي ڇڏيائين. ڊيري غازي خان تي حملو ڪري، اتان جي دائودپوٽن کي آزاد ڪرايائين؛ تيمور شاھہ تي حملو ڪري نہ رڳو اول ۾ ڏنل شهزادن کي ڇڏايائين، پر هُن کان توپ بہ کسي ورتائين. 1221ھہ/ 1806ع ۾ ڳڙهي اختيار خان بہ ورتائين ۽ پوءِ ”سبزل ڪوٽ“ بہ فتح ڪيائين. انهن حالتن دوران 1223ھہ/ 1808ع ۾ جڏهن انگريزي فوج ڪابل ويندي بھاولپور وٽان لنگهي، تڏهن نواب صاحب مناسب سمجهيو تہ انگريزن سان اهڙو دوستاڻو تعلق رکجي، جيئن سکن ۽ راجپوتن جي شرارت کان بچي سگهجي. 1809ع ۾ وفات ڪئي.