بھاول خان عباسي3

بھاول خان عباسي3: هن نالي سان ٽيون نواب محمد بھاول خان، پنھنجي پيءُ نواب رحيم يارخان جي وفات کان پوءِ 1241ھہ/ 1825ع ۾ گاديءَ تي ويٺو. هن سڀ کان پهرين سِکن سان سٺي سلوڪ طرف ڌيان ڏنو. سندن وچ ۾ تحفن جي ڏي وٺ ٿي، پر مهاراجه رنجيت سنگهہ جي نيت ۾ فتور هو. ڊيري غازي خان جو علائقو سکن جي نواب هوران کي ٺيڪي تي ڏنل هو. ڪجهہ دير ٿي وئي، ٺيڪي جي رقم ڪانہ پُڳي، تہ ناراض ٿي مهاراجا گهرس جي علائقي ۾ بھاولپور تي حملو ڪري وڌو ۽ ستلج جي پار واري علائقي تي زوريءَ قبضو ڪيو. مهاراجا رنجيت سنگهہ کان علاوہ بيڪانير ۽ جيسلمير جي راجائن بہ عباسين جي مخالفت جاري رکي. افغانستان سان 1248ھہ/ 1833ع ۾ انگريزن جي لڙائي هلي رهي هئي ۽ انگريزن جون فوجون بھاولپور جي علائقي مان لنگهيون تہ نواب سندن هر طرف سان مدد ڪئي. انهن لاءِ روڊ تعمير ڪرايو ۽ ساڻن پنهنجا هڪ سؤ سپاهي گڏي موڪليا. انگريزن جي فتح ٿي تہ بھاولپور ۾ چراغان ڪيو ويو. انهيءَ موقعي جو فائدو وٺي. نواب صاحب، ”سملي“ ۾ برطانوي گورنر جنرل کي پيغام موڪليو تہ اسان کي رنجيت سنگهہ جي حملن کان بچايو وڃي. رياست تي چئني طرفن کان جيڪي حملا ٿي رهيا هئا، ان کان بچڻ جي خاطر هنن کي وڏيءَ طاقت جو پاسو جهلڻ ضروري ٿي ويو، تنهنڪري نواب مذڪور کي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي معرفت برطانوي حڪومت سان سياسي معاهدو ڪرڻو پيو. اهو معاهدو 1248ھہ/ 22 فيبروري 1833ع تي اُچ شريف ۾ ڪيو ويو. هن معاهدي مطابق لارڊ وليئم بينٽڪ، رنجيت سنگهہ کي تنبيھہ ڪئي تہ ستلج درياھہ ٽپي رياست ڏانهن رُخ نہ ڪري. معاهدي کي برقرار رکڻ لاءِ هر دور ۾ ڪوششون ٿينديون رهيون. جيئن 1258ھہ/ 1842ع ۾ سر چارلس نيپيئر ڪوٽ سبزل ۽ ڀُنگ ڀال جا علائقا فتح ڪري نواب صاحب جي حوالي ڪيا. هن علائقي ۾ 1232ھہ/ 1817ع ۾ سنڌ جا حڪمران گهڙي آيا هئا، تنهنڪري بھاولپور ۾ انگريزن جي علائقن جي حدبنديءَ بابت هڪ ٻيو معاهدو 1282ھہ/ 1865ع ۾ ڪيو ويو. هڪ وقت اُهو بہ آيو، جو انگريزن کي سکن جي سردار ديوان مولراج سان 1246ھہ/ 1830ع ۾ جنگ ڪرڻي پئجي وئي. انهيءَ موقعي تي نواب مذڪور 23 هزار فوجي جوان موڪليا، جن جي مدد سان ملتان جو قلعو فتح ٿيو. لارڊ دلهوزي، نواب صاحب جي طرفان، هن فوجي مدد تي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ نواب صاحب کي مرڻ گهڙيءَ تائين هڪ لک روپيا سالياني پينشن مقرر ڪرائي ڏني. ان کان سواءِ ملڪہ وڪٽوريا بہ نواب محمد بھاول خان کي ”صادق دوست“ جي خطاب سان نوازيو. 1265ھہ/ 1849ع ۾ رياست بھاولپور جي رياست بيڪانير جون مليل سرحدون هميشہ لاءِ مقرر ڪيون ويون.
رياست بھاولپور سان انگريزن جو تجارتي معاهدو بہ ٿيو. مثلاً ستلج درياھہ مان تجارتي مال لنگهڻ جو جيڪو محصول هو، اهو ختم ڪيو ويو ۽ بعد ۾ ٻيا بہ محصول گهٽايا ويا. هن معاهدي جي ڪري رياست بھاولپور جي دوستي، برطانوي حڪومت سان ڪافي مضبوط ٿي وئي. هن نواب جي عھد حڪومت ۾ رياست بھاولپور ۾ ترقي ۽ خوشحاليءَ جو دور شروع ٿيو. انتظامي حڪومتي معاملن ۾ هڪ نئين تازگي آئي. احمدپور شرقيه ۾ ڪافي عمارتون تعمير ڪيون ويون ۽ پوءِ سندس ئي دور ۾ خاڪواڻي، سدوزئي، مليزئي، غوري ۽ ڪيئي ٻيا خاندان اچي رهيا. نواب محمد خان عباسي'>بھاول خان عباسي، ٽيون 1268ھہ/ 19 آڪٽوبر 1852ع تي بخار جي ڪري گذاري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1833.02.22  عيسوي

تنهنڪري نواب مذڪور کي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي معرفت برطانوي حڪومت سان سياسي معاهدو ڪرڻو پيو . اهو معاهدو 1248هه/ 22 فيبروري 1833ع تي اُچ شريف ۾ ڪيو ويو .


1852.10.19  عيسوي

نواب محمد بهاول خان عباسي ، ٽيون 1268هه/ 19 آڪٽوبر 1852ع تي بخار جي ڪري گذاري ويو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پرمانند ميوارام
عبدالوهاب ناظم طيباڻي
الطاف آگرو
سوڀو گيانچنداڻي
سيد حاجي مھر علي شاھہ
ادريس محمد صديق
درويش شاھہ
مولوي محمد صادق ٺٽوي
مرزا محمد عيسيٰ بيگ ثاني ترخان
چوڌري رحمت علي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون