بھاول خان عباسي5

بھاول خان عباسي5: شھزادو مبارڪ خان، نواب محمد بھاول عباسيءَ پنجين جي لقب سان 1321ھہ/ 12 نومبر 1904ع تي رياست بھاولپور جي تخت تي ويٺو. ان موقعي تي شاهي درٻار ۾ برطانوي حڪومت جي طرفان لارڊ ڪرزن نمائندگي ڪئي ۽ شھزادي مبارڪ خان عباسيءَ کي ائين رسمي طور تي پيءُ جي پڳ بہ ٻڌائي وئي ۽ نواب صاحب کي رياست بھاولپور تي حڪمراني ڪرڻ لاءِ مڪمل اختيار ڏنا ويا. انهيءَ موقعي تي کيس نواب محمد بھاول خان خامس عباسيءَ جي نالي سان تسليم ڪيو ويو هو. هن نواب جو دور، حڪومت جو هڪ شاندار دور ثابت ٿيو. سڀ کان پهرين رياست بھاولپور ۾ تعليم تي توجھہ ڏنو ويو. يونيورسٽيءَ جي نموني مطابق مڊل جي درجي تائين تعليم ڏيڻ جو بندوبست ڪيو ويو. ڇوڪرين لاءِ هڪ اسڪول تعمير ڪيو ويو؛ سالانه راندين جا مقابلا شروع ڪيا ويا؛ علمي ۽ ادبي سرگرميون شروع ٿي ويون؛ ڊراما، موسيقي ۽ شاعريءَ کي فروغ ڏنو ويو؛ شھر جي امن پسند ماڻهن، درٻارين ۽ سرڪاري ملازمن لاءِ بھاولپور ڪلب قائم ڪيو ويو، جتي مختلف قسمن جا ماڻهو پاڻ ۾ ملي پنھنجي سوچ ۽ فڪر جي ڏي وٺ ڪري سگهن. رعايا کي طبي سهوليتون فراهم ڪرڻ لاءِ 1320ھہ/ 1902ع ۾ هڪ اعليٰ درجي جي اسپتال تعمير ڪرائي وئي، جنهن جو نالو ”بھاول وڪٽوريه اسپتال“ رکيو ويو. رياست ۾ زراعت کي بہ ترقي ڏني وئي. زميندارن کي آسان قسطن ۾ قرض ڏنو ويو تہ جيئن زراعت کي ترقي ڏياري سگهن. پوکن کي ڪامياب بنائڻ لاءِ آبپاشيءَ جو بہ وڏو خيال رکيو ويو. ستلج نديءَ تي بند ٻڌايا ويا. سڄو سال هلندڙ نهرن کي کوٽيو ويو ۽ ڇھہ مهينا هلندڙ نهرن تي بہ ڌيان رکيو ويو. اهڙيءَ طرح صنعت ۽ حرفت تي بہ ڌيان ڏنو ويو. ڪي ننڍيون وڏيون فئڪٽريون بہ چالو ڪيون ويون. عوام لاءِ عدل ۽ انصاف جون سهوليتون بہ مهيا ڪيون ويون. فرياديءَ جي فرياد ٻڌڻ واسطي خاص انتظام ڪيو ويو. هن محل جي دروازي تي هڪ صندوق رکائي ڇڏي تہ جيئن فريادي پنهنجون درخواستون ان ۾ وجهي سگهن. صندوق جي چاٻي خود نواب پاڻ وٽ ئي رکي ۽ پاڻ ئي ان صندوق مان درخواستون، ڪڍندو هو ۽ فيصلا ڪندو هو. رياست بھاولپور جي سرحدن جو خاص خيال ڪيو ويو ۽ ڪن هنڌن تي نيون سرحدون مقرر ڪيون ويون. سرڪاري محڪمن جي اصلاح ڪئي وئي. غيرمنظم فوج جي بدران هڪ مضبوط فوج بہ تيار ڪئي وئي. پوليس لاءِ هڪ ٽريننگ سينٽر کوليو ويو. شاهي محل بہ تعمير ڪرايا ويا، جن ۾ گلزار محل، فرخ محل، عباس منزل ۽ نشاط منزل قابل ذڪر آهن. هن نواب رياست بھاولپور کي ڪافي ترقي ڏياري ۽ هر لحاظ کان رياست کي هڪ مستحڪم ۽ مضبوط ٺاهي ڇڏيو. ائين سمجهو تہ هيءُ نواب صحيح معنيٰ ۾ نواب هو. نواب الحاج محمد بھاول خان خامس عباسي حج ڪري اچي رهيو هو تہ ”عدن“ ۾ 1325ھہ/ 15 فيبروري 1907ع تي فوت ٿي ويو. سندس جنازو قلعي دراوڙ ۾ دفنايو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1904.11.22  عيسوي

بهاول خان عباسي5: شهزادو مبارڪ خان ، نواب محمد بهاول عباسيءَ پنجين جي لقب سان 1321هه/ 12 نومبر 1904ع تي رياست بهاولپور جي تخت تي ويٺو .


1907.02.15  عيسوي

نواب الحاج محمد بهاول خان خامس عباسي حج ڪري اچي رهيو هو ته ” عدن “ ۾ 1325هه/ 15 فيبروري 1907ع تي فوت ٿي ويو . سندس جنازو قلعي دراوڙ ۾ دفنايو ويو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

احمد ميان سومرو
شفالي واسديو
راجسٿاني عبدالهادي
آفتاب احمد شيخ
دراني آغا عطا محمد
ڀڳت سنتو داس
پلي عبدالخالق عبد
شھداد فقير لانگاھہ
فدا حسين ڏيرو
چانڊيو رئوف
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون