
بهاول لغاري
بھاول لغاري: سنڌي ۽ سرائڪيءَ جو شاعر بھاول ولد سمندر خان لغاري، 12 آگسٽ 1940ع تي ڳوٺ لغاري پجراڻي تعلقي موري ۾ ڄائو. پرائمري تعليم ڳوٺ مان پڙهي، گچيري پراڻي مان سنڌي فائنل 1955ع ۾ پاس ڪيائين. مئٽرڪ گورنمنٽ هاءِ اسڪول موري مان، جڏهن تہ بي.اي ۽ ايم.اي سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. ان کانسواءِ هن جي.وي، جي.ايڊ ۽ ايم.ايڊ پڻ ڪئي آهي.
بھاول لغاري شاعريءَ جي ابتدا نوجوانيءَ کان ڪئي. هي پهريان 1962ع ڌاري پرائمري استاد مقرر ٿيو، جنهن بعد 1975ع ۾ جي.ايس.ٽي ٿيو ۽ آگسٽ 2000ع ۾ ايڇ.ايس.ٽي طور ريٽائر ٿيو. هي سماجي ڪمن ۾ بہ اڳڀرو رهيو آهي. هن پنھنجي ڳوٺ ۾ ’واحد بخش لغاري پرائمري اسڪول‘ منظور ڪرائي ان جي بلڊنگ بہ ٺهرائي. ان کانسواءِ نيو لغاري پجراڻيءَ لاءِ بہ اسڪول منظور ڪرايائين. ڳوٺ ۾ پنھنجي مدد پاڻ تحت ڪچو رستو بہ ٺهرايائين. ان کان علاوہ بھاول لغاري ڳوٺ ۾ هر سال مفت ميڊيڪل ڪئمپ بہ منعقد ڪرائيندو آهي. هن ڳوٺ ۾ قبرستان لاءِ ٻہ ايڪڙ زمين پڻ وقف ڪئي آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: (1) عشق مون ايمان (شاعري)، (2) عشق مون اڻاٺ (شاعري)، (3) عشق ميڏا اسرار (سرائيڪي شاعري)، (4) اڌوري آس (ڪهاڻيون) وغيرہ شامل آهن.
1940.08.12 عيسوي
سنڌي ۽ سرائڪيءَ جو شاعر بهاول ولد سمندر خان لغاري، 12 آگسٽ 1940ع تي ڳوٺ لغاري پجراڻي تعلقي موري ۾ ڄائو.