بھبود اطفال: (چائلڊ ويلفيئر) 18 صديءَ جي آخر ۽ 19 صديءَ جي شروع ۾ جڏهن ڪارخانن ۾ ننڍن ٻارڙن کان ڪم وٺڻ جي سلسلي ۾ صنعتي انقلاب جا اثر واضح ٿيا، تڏهن روسو، پيسٽا لازي ۽ فروبيل جهڙن دانشورن ٻارڙن جي خصوصي ضرورتن تي ڌيان ڏنو. 19 صديءَ ۾ يتيم، لاوارث ۽ معذور ٻارن لاءِ ڪيترائي خيراتي ادارا وجود ۾ آيا. 20 صديءَ عيسويءَ ۾ بھبود اطفال (ٻارن جي ڀلائيءَ) جي خانگي، بلدياتي، سرڪاري، قومي ۽ بين الاقوامي ادارن ۾ واڌ آئي. برطانوي ”ٻارن جو قانون“ (قانون اطفال) (1908ع)، ”اوهايو“ جو قانون تفويض اطفال (1911ع) ۽ آمريڪا ۾ محڪمه اطفال (ٻارن جي محڪمي) جو قيام (1912ع) ابتدائي سنگ ميل هئا. 1964ع تائين انجمن بھبود اطفال جون شاخون سڄيءَ دنيا ۾ پکڙجي ويون ۽ انهن کي عالمي محڪمه صحت ۽ هلال احمر جهڙن ادارن جو تعاون حاصل ٿي ويو.