بَهرامُ: ايران جي ساساني بادشاهن مان هڪ مشھور بادشاھہ ”بھرام گُور“. هن جي شڪار جو قصو فارسي شاعريءَ مان سنڌ ۾ پهتو، جنهن کي سنڌ جي سرائڪيءَ ۽ سنڌي شاعرن منظوم ڪيو ۽ کيس ”بانڪو بھرام“ سڏيو.