بھرام فقير جتوئي: بھرام فقير ولد علي بخش فقير جتوئيءَ جا وڏا اصل ڀاڳناڙيءَ جا ويٺل هئا. بخش علي فقير اتان لڏي اچي ضلعي نوابشاھہ ۾ ويٺو. سندس وڏو پٽ گھرام فقير، سچل جو طالب هو. بھرام فقير جون ڪي ڪافيون سنڌي ادبي بورڊ جي شايع ٿيل ”ڪافيون“ ڪتاب ۾ ڇپيل آهن.