بھرام گور: مشھور شاعر بھادر جگنو ۽ رحمدل بادشاھہ بھرام گور جو جنم ايران جي بادشاھہ يزديگرد (421-399ع) جي گهر ۾ ٿيو. ننڍپڻ ۾ ئي والد جي گذاري وڃڻ جي ڪري پاڻ پنھنجي ڀائرن شاهپور جيڪو آرمينيا جو بادشاھہ هو ۽ نرسي جي سرپرستيءَ هيٺ جزيره عرب ان وقت جي بادشاھہ منظر جي محل ۾ سندس ئي نگراني ۾ رهندو هو ۽ اتي ئي هن عربي ٻولي، رهڻي ڪهڻي، گهوڙي سواري، تير اندازي، هٿيارن جي استعمال کانسواءِ موسيقي ۽ شڪار ڪرڻ پڻ سکيو. يزديگرد جي وفات کانپوءِ ڪن اميرن ۽ وزيرن هڪ سازش تحت يزديگرد جي پٽن کي نظر انداز ڪري هڪ ساساني شھزادي خسرو کي ايران جو بادشاھہ بڻايو، پر جڏهن انهي ڳالھہ جي خبر بھرام کي پئي تہ هن پنهنجو تخت واپس وٺڻ لاءِ عرب بادشاھہ منظر کان مدد گهري جنهن کيس فوجي دستن ساڻ ايران روانو ڪيو پر هڪ ٺاھہ تحت خسرو کي تخت تان لاهي بادشاهي بھرام گور جي حوالي ڪري ڇڏي ۽ اهڙي طرح بنا ويڙھہ ۽ رت وهائڻ جي بھرام گور ايران جو بادشاھہ بڻجي ويو. تخت تي ويهڻ کانپوءِ هن پهرين جنگ ترڪن خلاف وڙهي ترڪستان کي فتح ڪرڻ ۽ اتي پنھنجي ڀاءُ نرسي کي گورنر مقرر ڪرڻ کانپوءِ 421ع ۾ هن رومين خلاف جنگ جو اعلان ڪيو جيڪي جلدبازي ڪري ايران جي حدن ۾ داخل ٿي چڪا هئا، پر بھرام گور جي لشڪر کي ڏسي هڪ صلح نامي تحت واپس روم هليا ويا. بھرام گور نہ فقط هڪ بھادر حڪمران ۽ ڏاهو هو پر هو ڪيتريون ٻوليون پڻ ڄاڻيندو هو جن ۾ عربي، فارسي، پهلوي، ترڪي، عبراني، رومي، هندي ۽ هروي سميت ڪيتريون ئي ٻوليون شامل هيون جيڪي هو مختلف موقعن تي ڳالهائيندو هو. ان کانسواءِ هو موسيقي جو تمام وڏو شوقين هو هن پنھنجي دؤر ۾ اُتان جي موسيقارن، ڳائڻن ۽ ٻين فنڪارن کي پنھنجي دٻار ۾ وڏا وڏا عهدا پڻ ڏنا ۽ ملڪ اندر انصاف ۽ قانون لاءِ بھترين ڪم ڪرڻ کانسواءِ عام عوام جي غضب ٿيل حقن کي بحال پڻ ڪيو. تاريخدانن بھرام گور جي سمورن ڪارنامن باوجود کيس هڪ عياش ۽ فضول خرچ بادشاھہ ڄاڻائڻ کانسواءِ هن جي موت بابت اهو لکيو آهي تہ 438ع يا 439ع ۾ هڪ شڪار جو پيڇو ڪندي ڪنهن کاهي يا پراڻي کوھہ ۾ ڪرڻ سبب ٿيو پر ايراني مشھور شاعر فردوسي لکيو آهي تہ: ’بھرام گور جو طبعي موت ٿيو هو.‘ قصہ گوئي ۾ سنڌ جي ڪيترن اديبن بھرام گور جا قصا لکيا آهن.