بھشت جي دري: انڊس هاءِ وي تي ڀڳي ٽوڙهي وٽ رستي جي ڀر ۾ هڪ غار آهي، جنهن کي مقامي ماڻهو بھشت جي دري چون ٿا، ڇوته ان غار مان تمام ٿڌي هوا ايندي آهي. ڄڻ تہ ماڻهو ايئرڪنڊيشنر ۾ ويٺو هجي. عام عقيدتمندن اها ڳالھہ عام ڪئي آهي تہ هتي قلندر شھباز چلو ڪڍيو هو، اتي ڪن ماڻهن مسجد ٺاهي آهي. مسجد کي اهڙيءَ طرح ٺاهيو ويو آهي، جو غار مان اندران ايندڙ ٿڌي هوا جو ڳچ مقدار مسجد ۾ داخل ٿي، ان کي ٿڌو ڪريو ڇڏي. غار جو منهن 17 فوٽ ويڪرو ۽ چار فوٽ اوچو آهي. اونهاري ۾ جبل جا ماڻهو يا ايندڙ ويندڙ مسافر گهڙي سوا هن غار ۾ ويهندا آهن. بھشت جي دري ڪا عجيب شيءِ نہ آهي. اُن غار ۾ جبل جي چوٽيءَ تان ڪنهن سوراخ مان هوا اندر داخل ٿئي ٿي. اڳتي هلي غار سوڙهن خانن ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي ۽ هوا پٿرن سان لڳي ٿڌي ٿي هيٺ پهچي ٿي. اونهاري ۾ اها ٿڌڪار سياري جي ڀيٽ ۾ تمام وڌيڪ رهي ٿي. ڀلي ٻاهر گرميءَ جو پد 120 ۽ 125 ڊگريون فارن هائيٽ هجي، پر غار جي ٿڌڪار ايئرڪنڊيشنر جي ٿڌ جي برابر هوندي آهي. لڪي جبل جي ان غار جي ڀرپاسي ۾ اهڙيون پنج ڇھہ ٻيون غارون بہ آهن. لڪي جبل جي هن حصي کي ڀڳوٽوڙهو سڏيو وڃي ٿو. انگريزن هتي هل اسٽيشن بہ ٺاهي هئي، جيڪا هاڻي ڦٽي وئي آهي. ان غار کان ٿورو پرڀرو ”ڀڳو ٽوڙهو ريلوي اسٽيشن“ موجود آهي. بھشت جي دري ”غار“ جيتوڻيڪ قدرتي عمل جو حصو آهي، پر ان جي بيهڪ تي ٿورو غور ڪرڻ سان محسوس ٿيندو تہ انساني هٿن، ان کي کوٽي خلاصو ڪري، رهڻ جي لائق ٺاهيو آهي.